ماسڪو _ 12 مئي (اي پي پي) روس ۾ مقرر پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو ته پاڪستان برڪس جو مڪمل ميمبر بڻجڻ ۽ ان حوالي سان گروپ اندر وسيع حمايت حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو دوران فيصل نياز ترمذي چيو ته پاڪستان برڪس جو هڪ فطري شراڪتدار آهي، صرف هڪ ملڪ پاڪستان جي برڪس ۾ شموليت جي مخالفت ڪندو آهي، ان کان علاوه …
پاڪستان برڪس ۾ شموليت جو خواهشمند آهي: پاڪستان جو سفير فيصل نياز ترمذي

مزید خبریں
ماسڪو _ 12 مئي (اي پي پي) روس ۾ مقرر پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو ته پاڪستان برڪس جو مڪمل ميمبر بڻجڻ ۽ ان حوالي سان گروپ اندر وسيع حمايت حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو دوران فيصل نياز ترمذي چيو ته پاڪستان برڪس جو هڪ فطري شراڪتدار آهي، صرف هڪ ملڪ پاڪستان جي برڪس ۾ شموليت جي مخالفت ڪندو آهي، ان کان علاوه ڪنهن ٻئي ملڪ کي پاڪستان جو برڪس ۾ شامل ٿيڻ تي ڪو اعتراض ناهي. هن چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او ) جو ميمبر آهي ۽ ڀارت به ان جو حصو آهي انڪري پاڪستان برڪس جو به ميمبر بڻجي سگهي ٿو ۽ بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت کان علاوه سمورن ميمبر ملڪن پاڪستان کي برڪس جو ميمبر ڏسڻ جي مضبوط خواهش ظاهر ڪئي آهي. پاڪستان جي برڪس ۾ شموليت تنظيم لاءِ گهڻي فائديمند ثابت ٿيندي ، روس، چين، ڏکڻ آفريقا ۽ برازيل پاڪستان جي حمايت ڪن ٿا.











