يورپ کان ٻاهر موجود مينيو فيڪچررز تي ڀاڙڻ کي گهٽائڻ لاءِ يورپي يونين جي ڳالهيون ڪندڙن پاران ضروري دوائن بابت نئين قانون تي عارضي اتفاق

برسلز -12 مئي (اي پي پي) يورپي يونين جي ڳالهيون ڪندڙن اهڙي نئين قاعدي تي عارضي اتفاق ڪيو آهي جنهن جو مقصد بلاڪ اندر ضروري دوائن جي سپلاءِ چين کي مضبوط بڻائڻ ۽ يورپ کان ٻاهر موجود مينيو فيڪچررز تي ڀاڙڻ کي گهٽائڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انهن قدمن جو مقصد گذريل ڪجهه سالن دوران يورپي يونين کي درپيش دوائن جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو. قبرص جو …

برسلز -12 مئي (اي پي پي) يورپي يونين جي ڳالهيون ڪندڙن اهڙي نئين قاعدي تي عارضي اتفاق ڪيو آهي جنهن جو مقصد بلاڪ اندر ضروري دوائن جي سپلاءِ چين کي مضبوط بڻائڻ ۽ يورپ کان ٻاهر موجود مينيو فيڪچررز تي ڀاڙڻ کي گهٽائڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انهن قدمن جو مقصد گذريل ڪجهه سالن دوران يورپي يونين کي درپيش دوائن جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو. قبرص جو صحت بابت وزير نيو فيٽوس چار المبائيڊز چيو آهي، ته اهو معاهدو ڪمزورين کي گهٽ ڪرڻ، سپلاءِ چين ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ يورپ اندر اهم دوائن ۽ انهن جي بنيادي جزن جي پيداواري صلاحيت کي مضبوط بڻائن طرف هڪ عملي قدم آهي. اهي نوان قاعدا، جن کي هاڻي به يورپي يونين جي ميمبرن ۽ يورپي پارليامينٽ جي منظوري گهربل آهي. يورپ ۾ تيار ٿيندڙ دوائن جي سرڪاري خريداري کي ترجيح ڏينداسين، اسٽريٽجڪ منصوبن جي منظوري واري عمل کي تيز ڪنداسين ۽ مالي مدد تائين جلد پهچ کي ممڪن بڻائينداسين. انهن قاعدن تحت ڪيترن ئي يورپي ملڪن کي گڏيل طور اهم دوائن، خاص ڪري ناياب بيمارين جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن کي خريدڻ جي به اجازت هوندي. يورپي ڪميشن 2025ع ۾ انهن قاعدن ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته دوائن جي کوٽ  جا ڪيترائي  سبب آهن جن ۾ دواسازي جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ فعال جزن جي سپلاءِ ۾ رڪاوٽون به شامل آهن.