سرينگر -12 مئي (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن سميت ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائيٽس واچ ۽ ايشيا واچ کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڀارتي حڪومت تي حريت قيادت سميت سمورن سياسي نظربند ڪشميرين جي آزادي لاءِ دٻاءُ وجهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر مان جاري هڪ بيان ۾ ڀارت ۽ والاريل ڪشمير …
عالمي برادري نظربند ڪشميرين جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪري: حريت ڪانفرنس

مزید خبریں
سرينگر -12 مئي (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن سميت ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائيٽس واچ ۽ ايشيا واچ کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڀارتي حڪومت تي حريت قيادت سميت سمورن سياسي نظربند ڪشميرين جي آزادي لاءِ دٻاءُ وجهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر مان جاري هڪ بيان ۾ ڀارت ۽ والاريل ڪشمير جي مختلف جيلن ۾ حريت اڳواڻن، ڪشميري نوجوانن، ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن سميت هزارين ڪشميرين جي مسلسل غيرقانوني نظربندي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڀارتي قابض اختياريون غيرقانوني نظربندين ۽ ٻين ظالماڻن هٿڪنڊن ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جاري رکڻ کان نٿي روڪي سگهي. هن چيو ته ڀارتي فورسز جي اهلڪارن هٿان ڪشميرين تي وحشياڻي ظلم ۽ تشدد، وڏي پئماني تي گرفتارين، قتل عام ۽ هراست دوران گمشدگيون والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين پائمالين جو چٽو مثال آهن. هن ڪشميري نظربندن جي حالت زار تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ حريت چيئرمين مسرت عالم بٽ، محمد ياسين ملڪ، شبير احمد شاهه سميت ٻين ڪشميرين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو. حريت ترجمان ڪشميرين جون ملڪيون ضبط ڪرڻ ۽ کين ڊاهڻ واري ناپاڪ ايجنڊا تي عمل پيرا ڀارتي حڪومت جي مذمت ڪئي.











