جاپان پاران فلسطينين جي صحت ۽ تعليم لاءِ 12 ملين ڊالرن جي امداد جاري

ٽوڪيو -12 مئي (اي پي پي) جاپان عالمي بئنڪ ذريعي فلسطينين جي صحت ۽ تعليم لاءِ 12 ملين ڊالرن جي امداد فراهم ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي نمائنده آفيس جو چوڻ آهي ته اها رقم فلسطين جي ضروري شعبن ۾ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ غزه جنگ سبب وڌيل مالي خساري دوران ڪم ايندي. ٻڌايو ويو آهي، ته ان رقم جو اٽڪل 60 سيڪڙو حصو صحت ۽ تعليم جي …

ٽوڪيو -12 مئي (اي پي پي) جاپان عالمي بئنڪ ذريعي فلسطينين جي صحت ۽ تعليم لاءِ 12 ملين ڊالرن جي امداد فراهم ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي نمائنده آفيس جو چوڻ آهي ته اها رقم فلسطين جي ضروري شعبن ۾ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ غزه جنگ سبب وڌيل مالي خساري دوران ڪم ايندي. ٻڌايو ويو آهي، ته ان رقم جو اٽڪل 60 سيڪڙو حصو صحت ۽ تعليم جي شعبن تي خرچ ٿيندو، اهي ٻئي شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن. شروعاتي طور تي انهن شعبن جي اسٽاف جي پگهارن جي ادائگي ممڪن ٿي سگهندي ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي شعن ۾ اسڪولن ۽ هيلٿ ڪيئر سهولتن جي آپريشنز جو جاري رکڻ خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. نمائنده آفيس جي بيان ۾ چيو ويو آهي، ته جاپان جو پي ايف آر ڊي پروگرام ڏکيائين ۾ ورتل طبقن جي بحالي جي ڪوششن ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ انساني سيڙپ جي بچاءَ ۽ نجي شعبي جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندو آهي. ان لاءِ جاپان فلسطينين لاءِ ان ڏکين لمحن ۾ مدد لاءِ عزم رکي ٿو، فلسطيني اٿارٽي جي مدد جاري رکي ويندي. فلسطيني خابرو اداري موجب اها رقم عالمي بئنڪ ذريعي لاڳاپيل شعبن ۾ ورهائي ويندي، صحت جي شعبي مان 8040 ماڻهن کي اسپتالن ۾ علاج جي سهولت کان علاوه اسپتالن جا طبي اوزار به ملندا ۽ دوائن جي سپلاءِ ممڪن بڻائي ويندي. ياد رهي ته اسرائيل جنگ دوران فلسطيني اٿارٽي جي ماليات  بابت رسد کي روڪي رکيو آهي.