اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال سان اڱاري ڏينهن هتي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ميڊيا ماحول جي ڏس ۾ ميڊيا جي ترقي ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ عوامي خدمتن جي بهتري جي حوالي سان تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات …
اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال سان اڱاري ڏينهن هتي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ميڊيا ماحول جي ڏس ۾ ميڊيا جي ترقي ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ عوامي خدمتن جي بهتري جي حوالي سان تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سان گڏ سيڪريٽري اطلاعات اشفاق احمد خليل به هئا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڪستان بيشمار تخليقي صلاحيت سان مالا مال ملڪ آهي ۽ انهن صلاحيتن کي موثر طريقي سان ڪتب آڻيندي عوامي ميڊيا خدمتن کي جديد رخن تي هلائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عوام کي مستند، بروقت ۽ شفاف معلومات جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ميڊيا رياست ۽ عوام جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جي حيثيت رکي ٿو، تنهن ڪري ميڊيا کي قوم جي تعمير، مثبت سوچ جي فروغ ۽ عوامي شعور بيدار ڪرڻ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مُلاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستاني ثقافت، سماجي قدرن ۽ خانداني نظام جي فروغ کي ميڊيا پاليسي جو اهم حصو بڻايو وڃي ته جيئن نئين نسل کي پنهنجي تهذيبي سڃاڻپ ۽ قومي روايتن سان ڳنڍي سگهجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ميڊيا جي شعبي کي جديد ٽيڪنالاجي، پيشيوراڻين مهارتن ۽ ذميداراڻي صحافت جي اصولن مُوجب وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ عملي قدم جاري رکندي. مُلاقات ۾ ان عزم کي ورجايو ويو ته وقت اچي ويو آهي ته ميڊيا جو شعبو هاڻي روايتي انداز کان ٻاهر نڪري ذميواري، پيشيوراڻي مهارت ۽ هڪ واضح قومي مقصد سان اڳتي وڌي ته جيئن پاڪستان جي مثبت تشخص کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري سگهجي.











