صدر پاران دهشتگردي جي خطري کي ناڪام بڻائيندي پنهنجي جان قربان ڪندڙ بهادر شهري لياقت کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) صدر ڪوهاٽ ۾ جنڊ ۽ خوشحال ڳڙهه پل جي ويجهو دهشتگردي جي خطري کي ناڪام بڻائيندي پنهنجي جان قربان ڪندڙ بهادر شهري لياقت کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر چيو ته شهيد لياقت جهڙا بهادر شهري قومي سگهه، حب الوطني ۽ دهشتگردي جي خلاف اجتماعي شعور جو روشن مثال …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) صدر ڪوهاٽ ۾ جنڊ ۽ خوشحال ڳڙهه پل جي ويجهو دهشتگردي جي خطري کي ناڪام بڻائيندي پنهنجي جان قربان ڪندڙ بهادر شهري لياقت کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر چيو ته شهيد لياقت جهڙا بهادر شهري قومي سگهه، حب الوطني ۽ دهشتگردي جي خلاف اجتماعي شعور جو روشن مثال آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان متحد ٿي گڏ بيٺل آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻاهرين مداخلت سبب ٿيندڙ دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي. صدر خاص طور تي گورنر پنجاب سردار سليم حيدر خان ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي شهيد لياقت جي خاندان تائين قوم طرفان ڀرپُور يڪجهتي جو پيغام پهچائڻ جي هدايت ڪئي.

مزید خبریں