اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ به نرسن جو انسانيت جي خدمت ۾ اهم ڪردار آهي، ماڻهن کي صحت جي بنيادي سهولتن جي آسان ۽ موثر فراهمي نرسن جي خدمتن کانسواءِ ممڪن نه آهي، انسانيت لاءِ انهن جون انمول خدمتون فخر جو سبب آهن. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران نرسن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي …
مشڪل حالتن ۾ به نرسن جو انسانيت جي خدمت ۾ اهم ڪردار آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ به نرسن جو انسانيت جي خدمت ۾ اهم ڪردار آهي، ماڻهن کي صحت جي بنيادي سهولتن جي آسان ۽ موثر فراهمي نرسن جي خدمتن کانسواءِ ممڪن نه آهي، انسانيت لاءِ انهن جون انمول خدمتون فخر جو سبب آهن. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران نرسن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾، وزيراعظم چيو ته نرسن جي عالمي ڏينهن تي، هو سڄي دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ طبي شعبي سان لاڳاپيل مرد ۽ عورت نرسن جي انسانيت جي لاءِ بي لوث خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. عالمي سطح تي انٽرنيشنل ڪائونسل آف نرسز پاران نرسن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل هيءَ ڏينهن طب جي شعبي ۾ گڏيل عالمي تعاون جي اهميت کي به اجاگر ڪري ٿو. هن سال، هي ڏينهن "نرسون اسان جو مستقبل-بااختيار نرسون زندگيون بچائينديون آهن” جي موضوع تحت ملهايو پيو وڃي. هي عنوان بنا ڪنهن جي شڪ جي نرسن جي پيشه وراڻين صلاحيتن ۽ بهترين طبي تربيت جي ضرورت جي عڪاسي ڪري ٿو. جديد تربيت سان ليس نرسون بروقت طبي امداد فراهم ڪري قيمتي زندگيون بچائي سگهن ٿيون. هن چيو ته انسانيت جي لاءِ مرد ۽ عورت نرسن جون انمول خدمتون فخر جو سبب آهن، بيمارين ۾ مبتلا مريضن لاءِ نرسن جي سنڀال انساني خدمت جي جذبي جي عڪاس آهي. پنهنجي خدمتن جي عيوضي کان هٽي ڪري نرسون مشڪل حالتن ۾ به انساني خدمت جي اڳڀرائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڪنهن به ملڪ ۾ عوام کي صحت جي بنيادي سهولتن جي آسان ۽ موثر فراهمي نرسن جي خدمتن کانسواءِ ممڪن نه آهي. طب جي شعبي جي مضبُوطي جو دارومدار گهڻي ڀاڱي ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي متناسب موجودگي ۾ هُوندو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ اها شرح وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ان حوالي سان، سڀني لاڳاپيل ادارن ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏ هڪ حڪمت عملي تي ڪم جاري آهي.











