اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) دفاع واري وزارت ۾ معرڪه حق جي مناسبت سان هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو خاص مهمان دفاع وارو سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد علي هلال امتياز(ملٽري) هو. دفاع واري وزارت مان جاري بيان مطابق تقريب ۾ معرڪه حق جي سمورن شهيدن کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو. عسڪري قيادت جي رهنمائي ۾ پاڪ فوج جي تاريخي ڪاميابي کي زبردست …
دفاع واري وزارت ۾ معرڪه حق جي مناسبت سان پروقار تقريب منعقد
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) دفاع واري وزارت ۾ معرڪه حق جي مناسبت سان هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو خاص مهمان دفاع وارو سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد علي هلال امتياز(ملٽري) هو. دفاع واري وزارت مان جاري بيان مطابق تقريب ۾ معرڪه حق جي سمورن شهيدن کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو. عسڪري قيادت جي رهنمائي ۾ پاڪ فوج جي تاريخي ڪاميابي کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته قوم ۽ پاڪ فوج هميشه شيهي جي ديوار وانگر ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع لاءِ گڏ رهندا.











