لاهور- 11 مئي (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاور سيڪٽر سڌارن ۾ عوامي آگاهي ۽ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي، حڪومتي پاليسي سازي ۽ سڌارن جي صحيح رُخ جي تعين لاءِ عوامي سوچ ۽ راءِ کي ڄاڻڻ اڻٽر آهي، جڏهن ته عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ سان نه صرف ان جو اعتماد بحال ٿئي ٿو پر حڪومت کي اثرائتو …
پاور سيڪٽر سڌارن ۾ عوامي آگاهي ۽ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي: اويس خان لغاري
لاهور- 11 مئي (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاور سيڪٽر سڌارن ۾ عوامي آگاهي ۽ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي، حڪومتي پاليسي سازي ۽ سڌارن جي صحيح رُخ جي تعين لاءِ عوامي سوچ ۽ راءِ کي ڄاڻڻ اڻٽر آهي، جڏهن ته عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ سان نه صرف ان جو اعتماد بحال ٿئي ٿو پر حڪومت کي اثرائتو فيڊ بيڪ به حاصل ٿئي ٿو، ميڊيا ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته صحيح ۽ تصديق ٿيل ڄاڻ عوام تائين پهچائڻ عوام جي اهم ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي لمز انرجي انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ ميڊيا پرسنز لاءِ پاور سيڪٽر سڌارن جي حوالي سان رٿيل تربيتي ورڪشاپ سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته صحافين لاءِ هن تربيتي ورڪشاپ جو بنيادي مقصد اهوئي آهي ته کين پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن، چئلينجز، حڪومتي قدمن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي کان مڪمل طور تي آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن هو بهتر انداز ۾ عوام تائين حقيقتون پهچائي سگهي. هن چيو ته توانائي جي شعبي بابت ڪيتريون ئي غلط فهميون ڏٺيون وڃن ٿيون، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ ميڊيا جو هاڪاري ۽ ذميداراڻو ڪردار اڻٽر آهي. اويس لغاري چيو ته حڪومت پاور سيڪٽر ۾ جٽادار ۽ اثرائتي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ميڊيا کي انهن سمورن قدمن کان باخبر رکڻ ضروري آهي ته جيئن صحافي حقيقتون ۽ انگ اکرن جي بنياد تي عوامي ڳالهين کي اڳتي وڌائي سگهجي. هن چيو ته جيڪڏهن عوام کي صحيح ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي ته نه صرف اعتماد ۾ واڌ ٿيندي پر پاليسي سازي ۾ به بهتري ايندي. هن تربيتي ورڪشاپ بندوبست ڪرڻ تي لمز انرجي انسٽيٽيوٽ جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته اهڙا پروگرام ميڊيا ۽ پاليسي ساز ادارن وچ ۾ بهتر رابطي ۽ سوچ سمجهه پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ اٽڪل 3 ڪروڙ 40 لک بجلي صارفين موجود آهن، جن ۾ اڪثريت سنگل فيز ميٽر استعمال ڪندڙن جي آهي. هن چيو ته اوور بلنگ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ خراب ميٽرز جي تبديلي سميت مختلف قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن صارفين کي درست بلنگ جي سهولت فراهم ڪري سگهجي. سولرائزيشن ۽ نيٽ ميٽرنگ بابت سوال جي جواب ۾ اويس لغاري چيو ته مستقبل ۾ آءِ پي پيز جو ڪردار محدود ٿي ويندو، جڏهن ته موجوده آءِ پي پيز ۾ اڪثر معاهدن تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. هن واضح ڪيو ته سولر نيٽ ميٽرنگ ۾ گهٽتائي يا اضافي جو آءِ پي پيز سان ڪو تعلق ناهي. هن ٻُڌايو ته نئين سولر نيٽ ميٽرنگ صارفين مان اٽڪل 22 هزار درخواستن مان 8 هزار نيٽ ميٽرنگ بابت آهن. هن چيو ته بيٽري اسٽوريج ٽيڪنالاجي طرف منتقل هئڻ ۾ ڪا خرابي ناهي پر ان سان قومي گرڊ تي بار گهٽ ٿيندو ۽ ان جو سڌيءَ ريت فائدو عوام تائين پهچندو. وفاقي وزير چيو ته ڏينهن جي وقت ۾ بجلي نسبتن سستي ٿيندي جڏهن ته بيٽري ٽيڪنالاجي تي سيڙپڪاريءَ جو مستقبل ۾ انتهائي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته توانائي جي جديد نظام ۾ صارفين کي وڌيڪ خودمختياري ۽ بهتر سهولتون ميسر اينديون. ليسڪو ۾ اووربلنگ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صارفين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ باقاعده اداره جاتي نظام موجود آهي. هن واضح ڪيو ته بورڊز ۾ ڪنهن سياسي شخصيت يا رشتيدار کي شامل ناهي ڪيو ويو پر سمورا فيصلا گواهن ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪيا وڃن ٿا. اويس لغاري ان عزم جو اظهار ڪيو ته صارفين جي دادرسي ۽ انهن جي مسئلن جو فوري حل حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ بجلي جي شعبي ۾ شفافيت، احتساب ۽ بهتريءَ لاءِ سمورا امڪاني قدم جاري رکيا ويندا.











