قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران حق جي ويڙهه ۾ شاندار ڪاميابيءَ تي هٿياربند فوج ۽ قوم کي مبارڪون

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق حق جي ويڙهه ۾ شاندار ڪاميابيءَ تي هٿياربند فوج ۽ قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هٿياربند فوج پاڻ کان تعداد ۽ وسيلن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي ويڙهه ۾ هر محاذ تي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪ فضائيه پنهنجي فيصلائتي برتري دنيا آڏو تسليم ڪرائي، آپريشن سندور ڀارت جي مُنهن تي بدنما داغ …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق حق جي ويڙهه ۾ شاندار ڪاميابيءَ تي هٿياربند فوج ۽ قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هٿياربند فوج پاڻ کان تعداد ۽ وسيلن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي ويڙهه ۾ هر محاذ تي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪ فضائيه پنهنجي فيصلائتي برتري دنيا آڏو تسليم ڪرائي، آپريشن سندور ڀارت جي مُنهن تي بدنما داغ ثابت ٿيو، دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته پهلگام هڪ فالس فليگ آپريشن هو. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اسپيڪر، حق جي ويڙهه جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته الحمدلله، وطن عزيز پوري جوش ۽ جذبي سان حق جي ويڙهه، آپريشن بنيان مرصوص جي پهرين سالگره ملهائي رهيو آهي. هن چيو ته 10 مئي جو ڏينهن ملڪي تاريخ جو روشن ۽ چمڪدار ڏينهن آهي، 10 مئي تي اسان جي بهادر فوج پاڪ سرزمين طرف وڌندڙ دشمن جي ناپاڪ قدمن کي روڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج آپريشن بنيان مرصوص ذريعي پنهنجي تعداد ۽ وسيلن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي هر محاذ تي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، بزدل دشمن رات جي اونداهيءَ ۾ پاڪستان جي پُرامن ۽ هٿين خالي عوام تي حملو ڪيو. اسپيڪر چيو ته قوم ۽ پاڪستاني فوج وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سپهه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ شيهي جي ديوار بڻيل رهي، دشمن زميني محاذ تي پنهنجون چؤڪيون ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ايئرفورس دنيا آڏو پنهنجي فيصلائتي فضائي برتري تسليم ڪرائي، حق جي ويڙهه دوران پاڪستاني شاهينن دشمن جا 7 جهاز ڪيرايا، آپريشن سندور ڀارت جي مُنهن تي هڪ ڪارو داغ ثابت ٿيو. هن چيو ته پاڪ فضائيه جي شاندار ڪارڪردگيءَ تي ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪ فضائيه جي هر آفيسر ۽ جوان کي قوم خراجِ تحسين پيش ڪري ٿي. اسپيڪر چيو ته حق جي ويڙهه ۾ سامونڊي فوج پيشيوراڻي مهارتن سان دشمن کي پنهنجي بندرگاهن تائين محدود رکيو، قوم پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جو ٿورو مڃي ٿي. هن چيو ته ڀارت جو ڪُوڙ سان ڀريل بيانيو به بُريءَ طرح بي نقاب ٿيو، اڄ ڀارتي ميڊيا سڄي دنيا ۾ هڪ مذاق بڻجي چڪي آهي، دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته پهلگام هڪ فالس فليگ آپريشن هو، فالس فليگ آپريشن علائقائي ۽ عالمي امن کي شديد خطري ۾ وجهڻ جي ڀارت جي ناڪام ڪوشش هئي. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، نار فارس ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پاڪستان واضح ڪيو ته پاڪستان امن جو داعي آهي، پاڪستان عالمي امن جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان مظلوم ۽ هٿين خالي ڪشميرين جي حق ۾ آواز بلند ڪرڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو. ننڍي کنڊ ۾ پائيدار امن ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل ۽ ڪشميرين جي خوداراديت واري حق سان جُڙيل آهي. ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي اچي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام کي سندن حق ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڀارت طرفان آبي اڳرائي ۽ سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي غير قانوني ۽ انتهائي مذمت جوڳي آهي، پاڪستان، ڀارت طرفان آبي اڳرائي جو هر سطح تي جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. عالمي پارلياماني برادري جو ڌيان خطي ۾ جاري ڀارتي توسيع پسندي طرف ڏياريان ٿو، ڀارتي توسيع پسنداڻي ذهنيت عالمي امن لاءِ خطرو آهي. اسپيڪر چيو ته پوري قوم جون دليون پنهنجي بهادر ۽ شهيدن جي يادن سان منور آهن، شهيدن دشمن جي وڌندڙ قدمن کي روڪيندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، قوم کي پنهنجي بهادر فوج ۽ شهيدن تي فخر آهي. الله تعاليٰ آڏو شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيان. حق جي ويڙهه ۾ الله تعاليٰ پاڪ فوج کي فتح سان نوازيو، پوري قوم تي لازم آهي ته هو الله تعاليٰ جي وڏي فضل ۽ ڪرم سان سجدو ڪري شڪريو ادا ڪري.