پاڪستان سمورن عالمي فورمز تي ڀارت جي آبي جارحيت کي اجاڳر ڪيو: بئريسٽر عقيل ملڪ جو قومي اسيمبلي ۾ جواب

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان سمورن عالمي فورمز تي ڀارت جي آبي جارحيت کي اجاڳر ڪيو آهي، پاڻي جي معاملن تي عالمي برادري پاڪستان جي موقف جي حامي آهي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شائسته پرويز ملڪ جي سوال تي مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ، ايوان کي ٻڌايو ته پاڪستان جا ڀارت سان 13 معاهدا آهن، ڀارت سنڌ …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان سمورن عالمي فورمز تي ڀارت جي آبي جارحيت کي اجاڳر ڪيو آهي، پاڻي جي معاملن تي عالمي برادري پاڪستان جي موقف جي حامي آهي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شائسته پرويز ملڪ جي سوال تي مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ، ايوان کي ٻڌايو ته پاڪستان جا ڀارت سان 13 معاهدا آهن، ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪري رهيو آهي، پهلگام فالس فليڪ آپريشن کانپوءِ ڀارت، سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پاڪستان هر فورم تي اهو معاملو اٿاريو، ڀارت پاڻي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، عالمي عدالت به قرار ڏنو آهي ته معاهدي تي عملدرآمد ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ان حوالي سان سفارتي ۽ قانوني چاره جوئي جي محاذ تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي. شهريار آفريدي جي ضمني سوال تي هن چيو ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي، مختلف سيشنز ۾ ڀارت جي آبي جارحيت کي اجاگر ڪيو آهي، پوري عالمي برادري ان معاملي تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، اها ڀارت طرفان عالمي قانون جي واضح ڀڃڪڙي آهي، عالمي انصاف واري عدالت ۾ نٿو وڃي سگهجي ڇو ته اهو ٻه طرفو معاهدو آهي، اهو معاملو ٽياڪڙي عدالت بابت آهي. اقبال آفريدي جي ضمني سوال تي هن چيو ته ڀارت چناب تي پاڻي روڪي رهيو آهي ۽ ڪڏهن غير اعلان طور تي پاڻي ڇڏيو ويندو آهي، هن وقت ڀارت پاڪستان سان ڄاڻ شيئر نه ڪري رهيو، ان لاءِ اسان ان کي آبي جارحيت قرار ڏئي رهيا آهيون، پاڻي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.