اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم پڻ موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات …
صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملاقات
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم پڻ موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال، افغانستان بابت معاملن ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ معرڪه حق جي شهيدن ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي قومي دفاع تي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. صدر چيو ته مشڪل جاگرافيائي ۽ علائقائي صورتحال، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ سپلاءِ چين متاثر ٿيڻ جي باوجود عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪيو وڃي. صدر مهانگائي جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي، ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ممڪن قدمن جي هدايت پڻ ڪئي.











