حڪومت شفاف، ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ وارو ٽيڪس نظام قائم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت شفاف، ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ وارو ٽيڪس نظام قائم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، معاشي ۽ ٽيڪس پاليسين کي اثرائتو عمل جوڳو ۽ ملڪ جي سڌارن بابت هدفن سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ پيشيوراڻن ادارن ۽ صنعتي شعبي جي نمائندن سان ملسلسل رابطا ۽ مشاورت اڻٽر آهي. …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت شفاف، ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ وارو ٽيڪس نظام قائم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، معاشي ۽ ٽيڪس پاليسين کي اثرائتو عمل جوڳو ۽ ملڪ جي سڌارن بابت هدفن سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ پيشيوراڻن ادارن ۽ صنعتي شعبي جي نمائندن سان ملسلسل رابطا ۽ مشاورت اڻٽر آهي. هن اها ڳالهه هتي انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽس آف پاڪستان (آءِ ڪيپ) جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. ناڻي واري وزير حڪومت طرفان ٽيڪس نظام ۾ سڌارن لاءِ جاري قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته اهي سڌارا افرادي وسيلن، طريقيڪار ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل آهن. هن شفافيت ۾ واڌ، غير ضروري انساني مداخلت ۾ گهٽتائي ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اداره جاتي جديد ڪاري، طريقيڪار ۾ آساني ۽ پاڻڀرو ٿيڻ واري نظام کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير ناڻي وزارت تحت ٽيڪس پاليسي آفيس جي فعال هئڻ کي هڪ اهم اداره جاتي سڌارو قرار ڏنو، جنهن جو مقصد پاليسي سازيءَ کي مضبوط بنائڻ ۽ ٽيڪس پاليسي ۽ انتظاميه وچ ۾ بهتر هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل نظام جي وڌندڙ ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جيڪو ٽيڪس جي تعميل، نگراني ۽ محصولن جي نظام کي اثرائتو بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل پيداواري نگراني ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان هلندڙ نگرانيءَ جو نظام مختلف شعبن ۾ دستاويزي عمل بهتر بنائڻ، قاعدن تي عملدرآمد مضبوط ڪرڻ ۽ نظام ۾ موجود خامين کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. وفد دستاويزي معيشت، گروپ ٽيسڪيشن ڍانچي، روانگي واپار تي ٻَڌل خدمتن ۽ مختلف شعبن ۾ ٽيڪس جي هڪ جهڙو لاڳو ڪرڻ بابت ڪيتريون ئي تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪيون. اجلاس ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروبار ۾ آساني، چٽاڀيٽي وڌائڻ، محصولن ۾ اثرائتو اضافو ۽ ٽيڪس نيٽ کي هٿي ڏيڻ بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وزير وفد طرفان پيش ڪيل تجويزن ۽ سفارشن کي ساراهيندي چيو ته جاري بجيٽ سازيءَ جي عمل دوران ان جو غور سان جائزو ورتو ويندو. وفد جي قيادت آءِ ڪيپ جي صدر سميع الله صديقي ڪئي، جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ آءِ ڪيپ جو نائب صدر جهانزيب امين، نائب صدر احمد رضا مير ۽ ڪائونسل ميمبر ذيشان اعجاز شامل هئا.