اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي آذربائيجان جي هم منصب ڪرنل جنرل ولايت ايوازوف خط اُماڻيو آهي، جنهن ۾ آذربائيجان جي گهرو وزير ڪي پي ڪي جي شهر بنون ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن گهرو وزارت مان جاري بيان موجب آذربائيجان جي گهرو وزير پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستاني …
گهرو وزير محسن نقوي کي آذربائيجان جي هم منصب جو خط، بنون ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي آذربائيجان جي هم منصب ڪرنل جنرل ولايت ايوازوف خط اُماڻيو آهي، جنهن ۾ آذربائيجان جي گهرو وزير ڪي پي ڪي جي شهر بنون ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن گهرو وزارت مان جاري بيان موجب آذربائيجان جي گهرو وزير پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستاني عوام ۽ متاثرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. آذربائيجان جي گهرو وزير چيو ته آپگهاتي حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت ۽ زخمي ٿيڻ جي افسوسناڪ واقعي تي انتهائي ڏکويل آهيان. آذربائيجان هر قسم جي دهشتگردي جي سختيءَ سان مذمت ڪري ٿو. آذربائيجان دهشتگردي خلاف عالمي سطح تي ڪيل ڪوششن جي مستقل حمايت ڪري ٿو. افسوسناڪ واقعي تي اسان پاڪستان جي ڀائر عوام سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا. آذربائيجان جي گهرو وزير چيو ته الله تعاليٰ شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ۽ زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرماءِ.











