اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سيف سٽي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو ۽ خاص اجلاس جي صدارت ڪئي. گهرو وزير اسلام آباد سيف سٽي کي ڪيپيٽل سمارٽ سٽي ۾ بدلائڻ جي پراجيڪٽ تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو. هن سيف سٽي هيڊ ڪوارٽرز جي رنگ روغن ۽ اپ گريڊيشن ورڪ جو معائنو ڪيو. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير فيوزن سينٽر …
گهرو وزير محسن نقوي پاران سيف سٽي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سيف سٽي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو ۽ خاص اجلاس جي صدارت ڪئي. گهرو وزير اسلام آباد سيف سٽي کي ڪيپيٽل سمارٽ سٽي ۾ بدلائڻ جي پراجيڪٽ تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو. هن سيف سٽي هيڊ ڪوارٽرز جي رنگ روغن ۽ اپ گريڊيشن ورڪ جو معائنو ڪيو. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير فيوزن سينٽر ۽ جديد ڪنٽرول روم جي قيام تي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو. گهرو وزير هدايت ڪئي ته ڪنٽرول روم کي جديد گهرجن ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ بڻايو ويندو. گهرو وزير سيف سٽي فيز ٽو کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزير چيو ته سيف سٽي ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ پليٽ فارم تي آندو ويندو. اهو منصوبو اسلام آباد جي شهرين کي محفوظ ۽ پُرسڪون ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته ڊجيٽل سسٽم کي 30 مئي تائين آپريشنل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم آغا، ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور، آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











