موجوده علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ مقامي ريفائننگ صلاحيت وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: علي پرويز ملڪ

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ملڪي توانائي تحفظ کي مضبوط بنائڻ لاءِ آئل ريفائنرين جي وقت سر اپ گريڊيشن کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ مقامي ريفائننگ صلاحيت وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ريفائنرين جي جديد ڪاري سان نه صرف يورو فائيو معيار جي صاف ٻارڻ جي پيداوار ممڪن ٿيندي پر پاڪستاني پرڏيهي …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ملڪي توانائي تحفظ کي مضبوط بنائڻ لاءِ آئل ريفائنرين جي وقت سر اپ گريڊيشن کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ مقامي ريفائننگ صلاحيت وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ريفائنرين جي جديد ڪاري سان نه صرف يورو فائيو معيار جي صاف ٻارڻ جي پيداوار ممڪن ٿيندي پر پاڪستاني پرڏيهي سپلاءِ چينز تي ڀاڙڻ گهٽ ڪري توانائي جي شعبي ۾ وڌيڪ خودمختياري حاصل ڪري سگهبي. اهڙو اظهار هن پيٽروليم ڊويزن ۾ ملڪ جي آئل ريفائنريرن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽرز سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ برائون فيلڊ اپ گريڊريشن ريفائنري پاليسي عملدارآمد جو جائزو ورتو ويو ۽ ان عمل کي تيز ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزير ريفائننگ سيڪٽر جي اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته مقامي ريفائنريون بنا رڪاوٽ ٻارڻ جي فراهمي ۽ پاڪستان جي توانائي تحفظ کي مضبوط بنائڻ لاءِ قومي اثاثن جي حيثيت رکن ٿيون. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي روشنيءَ ۾ پيدا ٿيل علائقائي صورتحال پرڏيهي سپلاءِ چين تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ ۽ مقامي ريفئاننگ صلاحيت ۽ لچڪ کي وڌ کان وڌ وڌائڻ جي ضرورت کي وڌيڪ نمايان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير چيو ته موجوده ريفائنرين جي وقت سر اپ گريڊيشن پيداوار وڌائڻ، ڪارڪردگي بهتر بنائڻ ۽ عالمي معيار موجب صاف سٿري يورو فائيو ٻارڻ جي فراهميءَ لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته ريفائنري اپ گريڊيشن سان پاڪستان جون ريفائنريون يورو فائيو معيار موجب ٻارڻ تيار ڪرڻ جي قابل هونديون، جنهن سان ماحولياتي بهتري، انجڻ جي بهتر ڪارڪردگي ۽ نيڪال ۾ گهٽتائيءَ ۾ نمايان مدد ملندي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته 2023ع ۾ ٻنهي ريفائننگ پاليسين جي جاري ڪرڻ باوجود ان تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي دير جو شڪار رهي. هن چيو ته ريفائنرين جي جديدڪاري ۽ ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رڪاوٽن جو خاتمو ضروري آهي. اجلاس دوران ريفائننگ پاليسين ۽ اپ گريڊيشن معاهدي جي خاڪي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ته جيئن ان تي اثرائتي ۽ وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽرز درپيش اهم مسئلن جي نشاندهي ڪندي ان جي عملي حل به پيش ڪيا ۽ چيو ته کيس پيٽروليم ڊويزن جي ڪوششن تي مڪمل اعتماد آهي. پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ کي اپ گريڊيشن رٿائن جي عملداري متاثر ڪندڙ اهم مسئلو قرار ڏنو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته انهن چئلينجز جي حل لاءِ هڪ جامع تجويز آئينده بجيٽ جي تياريءَ کان اڳ لاڳاپيل فورم کي پيش ڪئي وڃي ته جيئن ريفائننگ پاليسين تي وڌيڪ دير کانسواءِ عملدرآمد ممڪن بڻائي سگهجي. وفاقي وزير حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ريفائنري اپ گريڊيشن قومي ترجيح آهي ۽ پاڪستان جي ريفائننگ انفراسٽرڪچر جي جديدڪاري توانائي تحفظ، صاف ٻارڻ کي هٿي وٺرائڻ ۽ پرڏيهي چئلينجز جي مقابلي ۾ ملڪي سگهه کي مضبوط بنائڻ لاءِ اڻٽر آهي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري (پاليسي)، ڊائريڪٽر جنرل آئل، پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي سي اي او، پارڪو جي ايم ڊي، اٽڪ ريفائنري جي سي اي او، سينرجيڪو جي سي اي او ۽ نيشنل ريفائنري لميٽيڊ جي سي اي او شرڪت ڪئي.