اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسلام آباد کي صحت جي شعبي ۾ هڪ ماڊل سٽي بنائڻ پهرين ترجيح آهي، جتي شهرين کي اسٽيٽ آف دي آرٽ طبي سهولتون ميسر هجن. هن چيو ته اسلام آباد ۾ وڌندڙ آباديءَ سان گڏوگڏ آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن مان وڏي انگ ۾ ماڻهو علاج لاءِ …
اسلام آباد کي صحت جي شعبي ۾ هڪ ماڊل سٽي بنائڻ پهرين ترجيح آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسلام آباد کي صحت جي شعبي ۾ هڪ ماڊل سٽي بنائڻ پهرين ترجيح آهي، جتي شهرين کي اسٽيٽ آف دي آرٽ طبي سهولتون ميسر هجن. هن چيو ته اسلام آباد ۾ وڌندڙ آباديءَ سان گڏوگڏ آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن مان وڏي انگ ۾ ماڻهو علاج لاءِ اسلام آباد اچن ٿا، تنهنڪري ايندڙ ٻه ڏهاڪن جي صحت جي ضرورت موجب انفراسٽرڪچر جي جامع منصوبابندي اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن صحت واري وزارت ۾ رٿيل اجلاس ۾ ڪيو. وزارت طرفان جاري بيان موجب اجلاس ۾ پمز ۽ پولي ڪلينڪ اسپتال جي سگهه ۾ بهتري ۽ اپ گريڊيشن بابت اسٽڊي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. هن چيو ته اسلام آباد لاءِ وڏين اسپتالن لاءِ هڪ جامع ۽ ڊگهي مُدي واري هيلٿ ڪيئر انفراسٽرڪچر پلان جوڙيو پيو وڃي ته جيئن مستقبل جي چيئلينجز کي نظر ۾ رکندي اسپتالن جي نظام کي اثرائتو، جديد ۽ پائيدار بڻائي سگهجي. هن هدايت ڪئي ته پمز ۽ پولي ڪلينڪ ۾ مريضن جي سارسنڀال، صفائي جي نظام ۽ انفيڪشن ڪنٽرول سميت سمون شعبن کي عالمي معيار موجب بڻايو وڃي. هن چيو ته اسپتالن کي عالمي معيار موجب بنائڻ لاءِ جوائنٽ ڪميشن انٽرنيشنل (جي سي آءِ) ايڪريڊيشن مرحليوار حاصل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پمز ۽ پولي ڪلينڪ اسپتالن جي سربراهن به شرڪت ڪئي، جڏهن ته اسپتال جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان ڪنسلٽنٽ تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير کين هدايت ڪئي ته هڪ جامع ۽ عمل جوڳو منصوبو تيار ڪري ٽن هفتن اندر سفارشون پيش ڪيون وڃن ته جيئن مستقبل لاءِ هڪ اثرائتي ۽ پائيدار حڪمت عملي جوڙي سگهجي.











