پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 609.51 پوائنٽس جي گهٽتائي، 170506.31 پوائنٽس تي بند

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 609.51 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 170506.31 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 562 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 234 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 215 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 113 ڪمپينن جي شيئرز جي استحڪام رهيو، مجموعي طور تي 1103.29 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 31.044 ارب رپيا هئي. ڪي ايس …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 609.51 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 170506.31 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 562 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 234 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 215 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 113 ڪمپينن جي شيئرز جي استحڪام رهيو، مجموعي طور تي 1103.29 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 31.044 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 457.52 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 51021.02 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 995.52 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 244736.27 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 9.060 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 0.2 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 67.7 ارب ڊالر ٿي ويو. گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي 376827777 شيئرز، آغا سٽيل لميٽيڊ جي 51877000 شيئرز ۽ سينر جيڪو پي ڪي لميٽيڊ جي 47390977 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ايل ايس اي سپيس ون لميٽيڊ، حرا ٽيڪسٽائل ملز ۽ آغا سٽيل سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.