ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان وزيراعظم جي قانون بابت خاص مددگار عرفان قادر جي ملاقات

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان وزيراعظم جي قانون بابت خاص مددگار عرفان قادر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، قانوني معاملن ۽ اداره جاتي سڌارن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران عرفان قادر، ريلوي وزارت ۾ تازن سڌارن، انتظامي بهتري ۽ عوام دوست قدمن کي ساراهيندي چيو ته ريلوي جي شعبي ۾ بهتري لاءِ …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان وزيراعظم جي قانون بابت خاص مددگار عرفان قادر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، قانوني معاملن ۽ اداره جاتي سڌارن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران عرفان قادر، ريلوي وزارت ۾ تازن سڌارن، انتظامي بهتري ۽ عوام دوست قدمن کي ساراهيندي چيو ته ريلوي جي شعبي ۾ بهتري لاءِ ڪيل قدم هاڪاري نتيجا ڏئي رهيا آهن. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ حڪومتي سڌارن، اداره جاتي سگهه ۾ اضافي ۽ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي سان لاڳاپيل معاملن تي به ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته عوامي خدمت جي منصوبن ۽ سهولتن جي بهتري لاءِ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جئين ريلوي جي نظام کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ بڻائي سگهجي.