اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪا جي سفير نيٽلي اي بيڪر ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ پاڪستان – آمريڪا ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ رابطن ۾ سهولتڪاري جي حوالي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪا جي سفير نيٽلي اي بيڪر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪا جي سفير نيٽلي اي بيڪر ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ پاڪستان – آمريڪا ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ رابطن ۾ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته جاري سفارتي ڪوششون خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن سنگاپور جي ذريعي پاڪستاني ۽ ايراني سامونڊي ڪارڪنن جي وطن واپسي ۾ جاري آمريڪي تعاون کي پڻ ساراهيو.











