پاڪستان افغان ناظم الامور پرڏيهي آفيس طلب، فتح خيل پوليس پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي تي شديد احتجاج رڪارڊ

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) پاڪستان افغان ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري 9 مئي 2026ع تي خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ فتح خيل پوليس پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران گاڏي ۾ هنيل بارودي مواد جي ذريعي بزدلاڻي حملي تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. ان حملي ۾ 15 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ شهري سميت 4 ماڻهو زخمي ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) پاڪستان افغان ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري 9 مئي 2026ع تي خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ فتح خيل پوليس پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران گاڏي ۾ هنيل بارودي مواد جي ذريعي بزدلاڻي حملي تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. ان حملي ۾ 15 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ شهري سميت 4 ماڻهو زخمي ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت افغان ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ته واقعي جي تفصيلي جاچ، جمع ٿيل ثبوتن ۽ فني انٽيليجنس مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان حملي جي منصوبابندي افغانستان ۾ موجود دهشتگردن ڪئي. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر افغان سرزمين جي پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملن جي لاءِ مسلسل استعمال تي پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي افغان ڌر تي واضح ڪيو ته پاڪستان ان ڏاڍ جي مرتڪب عنصرن جي خلاف فيصلائتي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو. اهو به اجاگر ڪيو ويو ته افغان سرزمين تي مختلف دهشتگرد تنظيمن جي مسلسل موجودگي ۽ انهن جي سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول جي نشاندهي گڏيل قومن جي مانيٽرنگ ٽيم ۽ ٻين عالمي ادارن جي رپورٽس ۾ پڻ ڪئي وئي آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ هڪ گڏيل مقصد آهي ۽ افغان طالبان کي پنهنجي ان واعدي جي پاسداري ڪرڻي پوندي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندا. پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغان طالبان رجيم تي زور ڏيندو رهيو آهي ته هو افغان سرزمين تان سرگرم فتنه الخوارج، فتنه الهندستان ۽ داعش/ آءِ ايس ڪي پي عنصرن جي خلاف ٺوس ۽ قابل تصديق قدم کڻي. پاڪستان ڀائر ۽ دوست ملڪن جي ثالثي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي دورن جي ذريعي افغان طالبان رجيم سان تعميري رابطا پڻ رکيا جڏهن ته افغان طالبان مسلسل انهن دهشتگرد تنظيمن جي خلاف بامعنى ۽ قابل تصديق ڪارروائي جي واعدن ۽ عملي قدمن ۾ ناڪام رهيو آهي. افغان طالبان رجيم کي واضح انداز ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن هن انهن دهشتگرد تنظيمن کي پناهه ڏيڻ جاري رکيو ته پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي ۽ پنهنجي شهرين جي تحفظ ۽ سلامتي تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو.