ميڊيا ورڪرز جي حقن جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ميڊيا ورڪرز جي حقن جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، اتحادين ۽ مُخالف ڌُر سان گڏجي صحافين جا مسئلا حل ڪيا ويندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ميڊيا ورڪرز جي حقن جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، اتحادين ۽ مُخالف ڌُر سان گڏجي صحافين جا مسئلا حل ڪيا ويندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ميڊيا ورڪرز جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ميڊيا چينلز جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن آڏو صحافين جي روزگار جي تحفظ جو معاملو اٿاريو ويندو ۽ صحافين جي جاب سيڪيورٽي ۽ مراعتن جي حوالي سان معاملا طئي ڪيا ويندا. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ويندا، اتحادين ۽ اپوزيشن سان گڏجي صحافين جا مسئلا حل ڪيا ويندا.