اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيُون وفاقي ۽ صوبائي يونيورسٽيون قائم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي چارٽرز بابت قانوني مسودي جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيون قائم ڪرڻ جي لاءِ 2002ع ۾ جوڙيل معيار هاڻي ناڪاره ٿي چڪو آهي ۽ موجوده تعليمي، تحقيقي …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نيُون وفاقي ۽ صوبائي يونيورسٽيون قائم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي چارٽرز بابت قانوني مسودي جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيُون وفاقي ۽ صوبائي يونيورسٽيون قائم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي چارٽرز بابت قانوني مسودي جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيون قائم ڪرڻ جي لاءِ 2002ع ۾ جوڙيل معيار هاڻي ناڪاره ٿي چڪو آهي ۽ موجوده تعليمي، تحقيقي ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ ناهي رهيو. نائب وزيراعظم ۽پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن نيون يونيورسٽيون معياري تعليم ۽ تحقيقي برتري جي عالمي معيار تي پورو لهي سگهن. فيصلو ڪيو ويو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) پهرين جون 2026ع تائين يونيورسٽيون قائم ڪرڻ جي معيار تي نظرثاني ڪندو جڏهن ته سمورن التوا هيٺ معاملن کي نئين فريم ورڪ جي تڪميل کانپوءِ انهي تحت جانچيو ويندو. اجلاس ۾ يونيورسٽين جي ڪارڪردگي، مختلف شعبن، عالمي درجابندين ۽ عالمي سطح تي طلب رکندڙ مضمونن کي ترجيح ڏيڻ جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اعلى تعليم جي شعبي کي روزگار جي موقعن، جدت ۽ تحقيقي اثرن جي حوالي سان مضبوط نتيجا فراهم ڪرڻا پوندا ته جيئن فارغ ٿيندڙ شاگردن کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي بهتر موقعا ملي سگهن. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، تعليم واري سيڪريٽري، ايڇ اي سي جي قيادت، نسٽ جي ريڪٽر ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











