اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران معرڪه حق جي تاريخي ڪاميابي جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قومي جذبي سان ڀرپور خصوصي نغمو جاري

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت معرڪه حق جي تاريخي ڪاميابي جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قومي جذبي سان ڀرپور خصوصي نغمو جاري ڪري ڇڏيو. ناليواري گلوڪار شيراز اپل جي آواز ۾ ان نغمي جا ٻول “بُنيان مرصوص – سدائين تيار آهيون اسان” آهي. ملي نغمي ۾ 10 مئي تي پاڪستان مونومنٽ ۾ منعقد معرڪه حق جي مرڪزي تقريب جا دلڪش منظر شامل …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت معرڪه حق جي تاريخي ڪاميابي جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قومي جذبي سان ڀرپور خصوصي نغمو جاري ڪري ڇڏيو. ناليواري گلوڪار شيراز اپل جي آواز ۾ ان نغمي جا ٻول “بُنيان مرصوص – سدائين تيار آهيون اسان” آهي. ملي نغمي ۾ 10 مئي تي پاڪستان مونومنٽ ۾ منعقد معرڪه حق جي مرڪزي تقريب جا دلڪش منظر شامل ڪيا ويا آهن. نغمي ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت اعلى سول ۽ عسڪري عملدارن، ڪابينا جي ميمبرن ۽ اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن جر معرڪه حق جي مرڪزي تقريب ۾ شرڪت جا منظر پڻ شامل آهن جڏهن ته ٽنهي هٿياربند فوج جي دستن جي پريڊ جي منظر کي پڻ نغمي ۾ نمايان انداز ۾ عڪسبند ڪيو ويو آهي. ان خصوصي نغمي ۾ قومي يڪجهتي، وطن جي دفاع جي عزم ۽ هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. نغمي جي عڪسبندي ۾ معرڪه حق جي مرڪزي تقريب ۾ شريڪ عوام جي والهاڻي جذبن جون جهلڪيون پڻ شامل آهن. نغمي ۾ معرڪه حق جي ڪاميابي کي قومي تاريخ جو اهم باب قرار ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ پوري قوم ملڪ جي دفاع لاءِ سدائين تيار آهي.