حج آپريشن 2026ع تحت 61 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني حج پانڌيئڙا ڀلي پار پهچي ويا

مڪه مڪرمه- 11 مئي (اي پي پي) ڀلي پار جي پرنور فضائن ۾ لبيڪ اللهم ليبڪ جي ايمان افروز صدائن سان الله پاڪ جي مهمانن جو ڀلي پار آمد جو سلسلو عروج تي پهچي چڪو آهي، جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 4 هزار 875 حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا آهن جنهن کانپوءِ هتي موجود پاڪستاني حج پانڌيئڙن جو مجموعي انگ 61 هزار 147 ٿي ويو آهي جيڪو مجموعي …

مڪه مڪرمه- 11 مئي (اي پي پي) ڀلي پار جي پرنور فضائن ۾ لبيڪ اللهم ليبڪ جي ايمان افروز صدائن سان الله پاڪ جي مهمانن جو ڀلي پار آمد جو سلسلو عروج تي پهچي چڪو آهي، جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 4 هزار 875 حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا آهن جنهن کانپوءِ هتي موجود پاڪستاني حج پانڌيئڙن جو مجموعي انگ 61 هزار 147 ٿي ويو آهي جيڪو مجموعي ڪوٽا جو 51 سيڪڙو آهي. ضيوف الرحمان جي خدمت ۽ سار سنڀال لاءِ هن وقت تائين 1288 اهلڪار ڀلي پار پهچي پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن، جن ۾ حاجين جي رهنمائي لاءِ 792 معاون ۽ بهترين طبي امداد لاءِ ميڊيڪل مشن جا 294 ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف شامل آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق هن وقت مڪه مڪرمه ۾ موجود پاڪستاني حاجين جو انگ 49 هزار 495 کان وڌي 56 هزار 408 تائين پهچي چڪو آهي، جيڪي مديني شريف ۾ حاضري کانپوءِ مڪه مڪرمه طرف منتقلي جي عمل ۾ تيزي کي ظاهر ڪري ٿو. ساڳئي طرح جده ايئرپورٽ تي هن وقت تائين پهتل 103 اڏامن تحت مجموعي طور تي 25 هزار 931 حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن، جڏهن ته مديني شريف لاءِ هن وقت تائين مجموعي طور تي 141 اڏامون آپريٽ ٿي چڪيون آهن. الله جي انهن مهمانن جي خدمت لاءِ پاڪستان حج مشن جا خادم مڪي ۽ مديني ۾ هر وقت تيار آهن، جتي آءِ ٽي ۽ ميڊيا سيل سميت ٽيڪنيڪل شعبن جا 202 ڄڻا به حجاز مقدس پهچي فعال ٿي چڪا آهن.