ڍاڪا- 11 مئي (اي پي پي) بنگلاديش ۾ مارچ ۾ ارڙي جي وبا شروع ٿيڻ کانپوءِ هن وقت تائين 344 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف هيلٿ سروسز ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 24 ڪلاڪن ۾ 11 ٻار فوت ٿي ويا، جنهن مان 4 ڪيسن ۾ ارڙي جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته باقي 7 ٻارڙا اهڙا هئا جن …
بنگلاديش ۾ ارڙي سبب وڌيڪ 11 ٻار فوت، فوتين جو انگ 344 ٿي ويو

مزید خبریں
ڍاڪا- 11 مئي (اي پي پي) بنگلاديش ۾ مارچ ۾ ارڙي جي وبا شروع ٿيڻ کانپوءِ هن وقت تائين 344 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف هيلٿ سروسز ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 24 ڪلاڪن ۾ 11 ٻار فوت ٿي ويا، جنهن مان 4 ڪيسن ۾ ارڙي جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته باقي 7 ٻارڙا اهڙا هئا جن جو موت ارڙي جي علامت ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ٿيو. ڊائريڪٽوريٽ ٻڌايو ته 15 مارچ کانپوءِ رڪارڊ ٿيل مجموعي ٻارن جي فوتگين مان 65 ۾ ارڙي جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته باقي ٻارن جي فوتگي ۾ ان بيماري بابت علامتون مليون آهن. رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ارڙي جا 282 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته ساڳئي مدي ۾ 1278 ٻارن کي بيماري جي علامتن سبب اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.











