بيجنگ/ واشنگٽن- 11 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 13 کان 15 مئي تائين چين جو دورو ڪندو ، جنهن بابت سومر ڏينهن بيجنگ تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق امڪان آهي ته آمريڪي صدر پنهنجي چين جي هم منصب سان ايران تڪرار ۽ واپار بابت ڳالهيون ڪندو. ياد رهي ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ واپاري ٽيڪس ، وچ اوڀر جي جنگ ۽ تائيوان جهڙن اهم معاملن …
ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ هفتي چين جو دورو ڪندو

مزید خبریں
بيجنگ/ واشنگٽن- 11 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 13 کان 15 مئي تائين چين جو دورو ڪندو ، جنهن بابت سومر ڏينهن بيجنگ تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق امڪان آهي ته آمريڪي صدر پنهنجي چين جي هم منصب سان ايران تڪرار ۽ واپار بابت ڳالهيون ڪندو. ياد رهي ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ واپاري ٽيڪس ، وچ اوڀر جي جنگ ۽ تائيوان جهڙن اهم معاملن تي اختلاف رهيا آهن، چين تائيوان کي پنهنجو حصو قرار ڏيندو رهيو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته صدر شي جن پنگ جي دعوت تي آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرنپ 13 کان 15 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو . آمريڪي اختيارين مطابق ، امڪان آهي ته صدر ٽرمپ ايران جي معاملي تي صدر شي جن پنگ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو جڏهن ته واپاري ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندو. آمريڪي پرنسپل ڊپٽي پريس سيڪريٽري ايناڪلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اهو دورو غير معمولي علامتي اهميت وارو هوندو . هن وڌيڪ چيو ته ” يقينن صدر ٽرمپ صرف سلامتي مقصد لاءِ سفر نه ڪندو. آمريڪي عوام اميد ڪري سگهي ٿو ته صدر اسان جي ملڪ لاءِ وڌيڪ سٺا معاهدا ڪندو. صدر ٽرمپ جي ٻي صدارتي دور ۾ چين جو پهريون دورو شاندار تقريبن تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ بيجنگ ۾ ٽيمپل آف هيون جو دورو به شامل آهي . اهو 2017ع بعد ڪنهن آمريڪي صدر جو پهريون چين جو دورو هوندو .











