خادم الحرمين الشريفين پاران قرآن ڪريم حفظ ڪرڻ جي مقابلي، تلاوت ۽ تفسير جي 46 هين ايڊيشن ۾ عورتن جي ڪيٽگري شروع ڪرڻ جي منظوري

رياض- 11 مئي (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ڪنگ عبدالعزيز قرآن ڪريم حفظ ڪرڻ جي مقابلي، تلاوت ۽ تفسير جي 46 هين ايڊيشن ۾ عورتن جي ڪيٽگري شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو پهريون موقعو آهي ته عورت اميدوار باضابط طور تي ان مقابلي ۾ حصو وٺنديون. هي مقابلو مسجد الحرام ۾ منعقد ڪيو ويندو. ان جو شمار مملڪت جي نمايان …

رياض- 11 مئي (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ڪنگ عبدالعزيز قرآن ڪريم حفظ ڪرڻ جي مقابلي، تلاوت ۽ تفسير جي 46 هين ايڊيشن ۾ عورتن جي ڪيٽگري شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو پهريون موقعو آهي ته عورت اميدوار باضابط طور تي ان مقابلي ۾ حصو وٺنديون. هي مقابلو مسجد الحرام ۾ منعقد ڪيو ويندو. ان جو شمار مملڪت جي نمايان ترين عالمي مقابلن ۾ ڪيو ويندو آهي . اسلامي معاملن واري وزير ۽ قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ جي مقامي ۽ عالمي مقابلي جي نگران شيخ ڊاڪٽر عبدالطيف آل شيخ مقابلي ۾ عورتن کي به شريڪ ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي . شاهي ايوان کان منظوري تي اسلامي معاملن واري وزير خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جو خاص شڪريه ادا ڪيو . شاهي ايوان کان مقابلي جي آخري تقريب منعقد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي جيڪا 6 ربيع الاول 1448ع هجري تي منعقد ٿيندي . اسلامي معاملن واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ” شاهي ايوان “کان منظوري جاري ٿيڻ کان پوءِ پروگرام جي تياري شروع ڪئي وئي آهي .