لبيا ۾ ڊرون حملو، 5 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

طرابلس- 11 مئي (اي پي پي) لبيا جي اولهندي شهر الزاويه ۾ ڊرون حملي جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورس جا 5 اهلڪار مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق لبيا جي حڪومت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهلڪار جمعي ڏينهن هڪ گڏيل سيڪيورٽي آپريشن دوران نشانو بڻيا. ڪارروائي جوائنٽ سيڪيورٽي چيمبر ۽ الزاويه سيڪيورٽي ڊائريڪٽوريٽ جي هدايت تي ڪئي پئي وڃي …

طرابلس- 11 مئي (اي پي پي) لبيا جي اولهندي شهر الزاويه ۾ ڊرون حملي جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورس جا 5 اهلڪار مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق لبيا جي حڪومت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهلڪار جمعي ڏينهن هڪ گڏيل سيڪيورٽي آپريشن دوران نشانو بڻيا. ڪارروائي جوائنٽ سيڪيورٽي چيمبر ۽ الزاويه سيڪيورٽي ڊائريڪٽوريٽ جي هدايت تي ڪئي پئي وڃي ، جڏهن ته ان ۾ پراسيڪيوٽرر آفيس ۽ عدالتي ادارن جو سهڪار به شامل هو . بيان مطابق سيڪيورٽي فورسز تي هڪ ” انتهائي درست “ ڊرون هٿيار ذريعي حملو ڪيو ويو ، جنهن جي نتيجي ۾ آپريشن ۾ شامل اهلڪار موقعي تي مارجي ويا ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا. اختيارين جو چوڻ آهي ته آپريشن جو مقصد منظم ڏوهن، منشيات جي اسمگلنگ، انساني اسمگلنگ ۽ اغوا ڪري ڀنگ وٺندڙ عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ هو . واضع رهي ته الزاويه شهر ۾ تازين برساتن دوران هٿيار بند گروپن ۽ اسمگلنگ نيٽ ورڪس خلاف ڪاررائين سبب سيڪيورٽي ڇڪتاڻ ۽ چڪرين جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن.

مزید خبریں