آئي ٽي شعبي جو فروغ ۽ آئي ٽي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئي ٽي شعبي جو فروغ ۽ آئي ٽي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، نوجوانن ۾ آئي ٽي جي حوالي سان بيشمار صلاحيتون آهن جن مان ڀرپور نموني فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ ڪم تيز ڪيو وڃي. سومر …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئي ٽي شعبي جو فروغ ۽ آئي ٽي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، نوجوانن ۾ آئي ٽي جي حوالي سان بيشمار صلاحيتون آهن جن مان ڀرپور نموني فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ ڪم تيز ڪيو وڃي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام وزارت جي معاملن بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام جي وفاقي وزير شزہ فاطمه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ آئي ٽي شعبي جو فروغ ۽ آئي ٽي سان لاڳاپيل برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان جي نوجوانن ۾ آئي ٽي جي حوالي سان بيشمار صلاحيتون آهن جن مان ڀرپور نموني فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ آسان خدمت مرڪزن جي قيام لاءِ ڪم تيز ڪيو وڃي. آسان خدمت جون سهولتون صوبن ۾ پڻ شروع ڪرڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي. آئي ٽي جي شعبي ۾ شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي وچ ۾ فرق گهٽ ڪرڻ لاءِ صوبائي ۽ ضلعن جي سطح تي حڪومتن جو تعاون حاصل ڪيو وڃي. اجلاس کي ملڪ ۾ آئي ٽي کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ گهريلو انٽرنيٽ ڪنيڪشنز جو تعداد 2024ع ۾ 1.9 ملين کان وڌي 2026ع ۾ 5.10 ملين ٿي ويو آهي. پاڪستان کي موجوده مالي سال ۾ 4.5 کان 4.6 بلين آمريڪي ڊالرز جي آئي ٽي جي روانگي واپار جي اميد آهي. تازو ئي پاڪستان ۾ فائيو جي سروسز لاءِ نيلامي ڪئي وئي، جيڪا ان حوالي سان 2016ع کان وٺي هيستائين ٿيندڙ دنيا جي سڀ کان وڏي نيلامي هئي. ان نيلامي سان پاڪستان کي 509 ملين ڊالر جي ڪمائي ٿي. مصنوعي ذهانت کي فروغ جي حوالي سان فيبروري 2026ع ۾ انڊس اي آءِ ويڪ جو اهتمام ڪيو ويو. 30 شهرن ۾ تقريبون ٿيُون، انڊس اي آءِ ويڪ ۾ 100 کان وڌيڪ عالمي نمائندن شرڪت ڪئي، 88 پول ٺاهيا ويا، اسلام آباد ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ صحت يونٽن کي فائبر ڪنيڪٽوٽي فراهم ڪئي وئي آهي. اسلام آباد کي مفت انٽرنيٽ هاٽ اسپاٽس جي فراهمي جو ڪم آخري مرحلن ۾ آهي. سيد پور ماڊل وليج ۽ فاطمه جناح پارڪ ۾ اي لرننگ پوڊز هنيا پيا وڃن.

مزید خبریں