وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي زمبابوي خلاف تاريخي فتح تي مبارڪون

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي زمبابوي خلاف  سيريز ۾ شاندار فتح تي مبارڪون ڏنيون آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي زمبابوي خلاف سيريز ۾ 3 ٻڙي تان تاريخي ۽ شاندار ڪاميابي تي دلي مبارڪون ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي سخت محنت، نظم ۽ …

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي زمبابوي خلاف  سيريز ۾ شاندار فتح تي مبارڪون ڏنيون آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي زمبابوي خلاف سيريز ۾ 3 ٻڙي تان تاريخي ۽ شاندار ڪاميابي تي دلي مبارڪون ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي سخت محنت، نظم ۽ ضبط ۽ غير معمولي صلاحيتن جي عڪاسي آهي. هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ۽ سڄي ٽيم مئنيجمينٽ جي عورت ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ حمايت ۽ عزم کي به ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسان جون عورت ڪرڪيٽرز مستقبل ۾ به نئيون ڪاميابيون حاصل ڪنديون رهنديون ۽ پاڪستان جو نالو وڌيڪ روشن ڪنديون.

مزید خبریں