اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي چيو آهي ته هڪ سال پهريان پاڪستان هڪ وڏي امتحان مان گذريو ۽ پوري قوم ثابت قدم رهي، مئي 2025ع جا واقعا صرف هڪ فوجي ڪارروائي نه هئا پر پوري قوم لاءِ هڪ اهم لمحو هئا، ڀارت پهلگام فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ پاڪستان جي بنا جواز حمليا ڪيا …
پاڪستان دشمن کي آپريشن بنيان مرصوص ۾ نظم و ضبط، درست حڪمت عملي، بهادري ۽ قومي اتحاد سان جواب ڏنو: صدر مملڪت آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي چيو آهي ته هڪ سال پهريان پاڪستان هڪ وڏي امتحان مان گذريو ۽ پوري قوم ثابت قدم رهي، مئي 2025ع جا واقعا صرف هڪ فوجي ڪارروائي نه هئا پر پوري قوم لاءِ هڪ اهم لمحو هئا، ڀارت پهلگام فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ پاڪستان جي بنا جواز حمليا ڪيا جن ۾ ڪجهه فوجي ٺڪاڻن سان گڏ اڪثر شهري آبادي ۽ عبادتگاهن کي نشانو بڻايو ويو، پاڪستان نظم و ضبط، درست حڪمت عملي، بهادري ۽ قومي اتحاد سان جواب ڏنو، آپريشن بنيان مرصوص معرڪه حق جو اهم ترين ٿنڀ هو، دنيا کي ڏيکاريو ته جڏهن پوري قوم پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي هجي ته اسان جي فوج ڇا نه ٿي ڪري سگهي، اسان جو جواب سوچيل سمجهيل، متوازن، متناسب، درست ۽ صورتحال جي عين مطابق هو ۽ اسان جو پيغام واضح هو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت معرڪه حق جي سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته معرڪه حق دنيا تي واضح ڪيو ته پاڪستان جي دفاعي صلاحيت صرف هڪ نعرو نه پر پيشيوراڻي مهارت، ٽنهي فوجن جي مربوط حڪمت عملي ۽ هن قوم جي ان عزم تي قائم آهي جيڪا ڪنهن به جارحيت آڏو نه جهُڪندي. اسان پنهنجي بهادر فوج جي مرد ۽ عورتن کي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ هر ان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا جنهن هن وطن جي سر بلندي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي. اهو اسان جي سوچ جو حصو آهي ته جڏهن اسان تي جنگ مڙهي ويندي ته هر پاڪستاني سپاهي بڻجي ويندو آهي جن ۾ ڪجهه ته وردي ۾ هوندا آهن ۽ اڪثر بنا ورديءَ جي. هن چيو ته اڄ پاڪستان کي هڪ اهڙي رياست طور ڏيکاريو ويندو آهي جيڪا نه صرف پنهنجي دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي پر امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اولهه ايشيا ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان ذميواراڻي ۽ متوازن سفارتڪاري ذريعي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تائين آڻڻ ۾ به مدد ڏني آهي. اسان جي ڪوششن وڌيڪ رتوڇاڻ روڪڻ ۽ خطي ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ جي مدد ڪئي آهي. پاڪستان جتي به هاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اتي امن، ڳالهين ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته مان ان موقعي تي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڪشمير مسئلو خطي ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي. ڏکڻ ايشيا جي سيڪيورٽي جي مسئلن جو ڪو به غير جانبدار جائزو پاڪستان جي ڪردار جي ان حقيقت کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهي. ڪشميري عوام جون خواهشون، جن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تسليم ڪيو آهي، ڏهاڪن جي قبضي باوجود ختم ناهن ٿيون ۽ نه ئي ڪڏهن ٿينديون. پاڪستان هڪ منصفاڻي ۽ قانوني حل جي پنهنجي موقف تي قائم آهي. هن چيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي برابر آهي. عالمي بينڪ جي ٽياڪڙي ۾ طئي ٿيل اهو معاهدو جيڪو 1960ع ۾ ٿيو، چار جنگين ۽ 65 سالن جي ڇڪتاڻ جي باوجود قائم رهيو. ان معاهدي کي سياسي تڪرارن کان مٿانهون رکيو ويو. ڀارت جو بنا ڪنهن قانوني جواز جي ان کي معطل ڪرڻ لکين ماڻهن جي روزگار ۽ زندگين لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته پاڻي ڪو اهڙو معاملو ناهي جنهن کي سياسي دٻاءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. پاڪستان پنهنجي آبي حقن جي دفاع لاءِ ان ئي عزم جو مظاهرو ڪندو جيڪو هن پنهنجي سرزمين جي دفاع ۾ ڏيکاريو آهي. هن چيو ته اسان دهشتگردي بابت به پنهنجو موقف پوري وضاحت سان ورجايون ٿا. پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي. اسان فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان کي هر شڪل ۾ ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. اسان افغانستان جي موجوده عبوري حڪومت سان سنجيدگي سان رابطا ڪيا آهن، ۽ اميد ڪيون ٿا ته دوحا فريم ورڪ تحت ڪيل واعدن تي مڪمل عمل ٿيندو ته جيئن افغان سرزمين، پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن تڪرار جو خواهشمند ناهي، پر پاڪستان ڪنهن به ڏاڍ جي روئي کي قبول نه ڪندو. اسان پنهنجي خودمختياري، عالمي قانون ۽ هڪ اهڙي پر امن خطي پرعزم آهيون جتي اختلاف طاقت بجاءِ ڳالهين ذريعي حل ٿين. هن چيو ته معرڪه حق هاڻي اسان جي قومي يادداشت جو حصو بڻجي چڪو آهي. هي ڪو اهڙو لمحو نه هو جنهن کي اسان پاڻ چونڊيو، پر جڏهن وقت آيو ته پوري قوم پنهنجي سموري صلاحيت ۽ عزم سان ان جو مقابلو ڪيو. اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياريندو رهندو ته جيڪا قوم پنهنجو قدر ڄاڻي ٿي، اها پنهنجي دفاع جي طاقت به هميشه رکندي آهي.











