خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي اعجاز جکراڻي جي پُٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

ڪراچي- 10 مئي (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان گڏجي جکراڻي هائوس پهچي قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز جکراڻي سان سندس پُٽ مرحوم مير زيد خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر مرحوم مير زيد خان جکراڻي جي درجن …

ڪراچي- 10 مئي (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان گڏجي جکراڻي هائوس پهچي قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز جکراڻي سان سندس پُٽ مرحوم مير زيد خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر مرحوم مير زيد خان جکراڻي جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.

مزید خبریں