راولپندي - 10 مئي (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت چيو آهي، ته اڄ پاڪستان پنهنجي اثرائتي، ذميوراڻي ۽ اڻ ڌري سفارتڪاري ذريعي تاريخي امن ڳالهين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، دشمن سمجهي ڇڏي ته پاڪستان خلاف مهم جوئي جا اثر محدود نه پر تمام خطرناڪ، ڏور رس ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندا، اسان هر …
دشمن سمجهي ڇڏي ته پاڪستان خلاف مهم جوئي جا اثر محدود نه پر تمام خطرناڪ، ڏور رس ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندا: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو معرکه حق جي پهرين يادگاري تقريب کي خطاب

مزید خبریں
راولپندي – 10 مئي (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت چيو آهي، ته اڄ پاڪستان پنهنجي اثرائتي، ذميوراڻي ۽ اڻ ڌري سفارتڪاري ذريعي تاريخي امن ڳالهين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، دشمن سمجهي ڇڏي ته پاڪستان خلاف مهم جوئي جا اثر محدود نه پر تمام خطرناڪ، ڏور رس ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندا، اسان هر بي گناهه پاڪستاني جي رت جو بدلو وٺنداسين ۽ دهشتگردي خلاف اها جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي. انهن خيالن جو اظهار هن معرڪه حق جي پهرين يادگاري تقريب کي تاريخي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته معرکه حق، آپريشن بنيان مرصوص ۾ الله تعاليٰ جي رضا سان پاڪستان، عوام ۽ هٿياربند فوج کي هڪ بي مثال ڪاميابي ملي، معرکه حق ٻن نظرين وچ ۾ هڪ فيصلائتو معرڪو هو جنهن ۾ حق فتحياب ٿيو ۽ باطل کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. فيلڊ مارشل چيو ته ڀارت جو خواب آهي ته پاسڪتان کي عسڪري جارحيت ۽ سفارتي اڪيلائي جو نشانو بڻائي خطي ۾ طاقت جو توازن تبديل ڪري، سندس اهو خواب ان جي قد بت ۽ صلاحيت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، جنهن کي پاڪستان ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو. هن چيو ته مان معرڪه حق جي سمورن شهيدن ۽ غازين خاص ڪري شهيد ٿيل هٿين خالي عورتن، بزرگن ۽ معصوم ٻارن کي پوري قوم ۽ پاڪ فوج پاران خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو، اسان پنهنجي شهيدن جي قرباني کي امانت، پنهنجي طاقت کي ذميواري ۽ پنهنجي ڪاميابي کي خداءِ بزرگ و برتر جو احسان سمجهون ٿا. فيلڊ مارشل چيو ته عوام ۽ قومي قيادت جو پيغام آهي ته ملڪي خودمختياري، سرحدي سلامتي ۽ قومي وقار تي ڪو به سمجهوتو قبول جوڳو ناهي، هندوستان کي ان جنگ جي نتيجي ۾ شديد جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پوندو. جنهن جي قيمت هو ايندڙ وقت تائين ڀريندو رهندو. فتح ميزائيلن ۽ پاڪ فضائيه جي شاهينن دشمن جي 26 کان وڌيڪ عسڪري هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. فيلڊ مارشل چيو ته الحمدلله! اڄ پاڪسان جو دفاع ڪنهن به پرڏيهي جارحيت خلاف مڪمل طور تي فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي، دشمن سمجهي ڇڏي ته پاڪستان خلاف اڳتي مهم جوئي جا اثر محدود نه پر تمام خطرناڪ، ڏور رس ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندا. هن چيو ته موجوده وقت ۽ مستقبل جون جنگيون ملٽي ڊومين آپريشنز تي ٻڌل هونديون جنهن ۾ پري تائين مار ڪندڙ هٿيارن، ڊرونز، سائبر ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو استعمال هوندو، پاڪ فوج کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ڊفينس فورسز هيڊ ڪوارٽرز قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو برادر اسلامي ملڪ سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدو اسان جي سفارتي ڪاميابين جو هڪ عظيم سنگ ميل آهي، اڄ پاڪستان پنهنجي اثرائتي، ذميواراڻي ۽ اڻ ڌري سفارتڪاري ذريعي تاريخي امن ڳالهين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پاڪستان سان روايتي جنگ کي ناممڪن تصور ڪندي ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي گندي روش جو سهارو وٺي رهيو آهي، افغانستان پنهنجي ڌرتي تي دهشتگردي جي مرڪزن ۽ ٺڪاڻن جو مڪمل خاتمو ڪري، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته مان پاڪستان خاص ڪري خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي بهادر عوام، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سمورن باهمت ۽ بهادر اهلڪارن کي سلام پيش ڪيان ٿو، اسان هر بي گناهه پاڪستاني جي رت جو بدلو وٺنداسين ۽ دهشتگردي خلاف اها جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي. فيلڊ مارشل چيو ته اسان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکنداسين، اسان جي منزل اهو مقام آهي جنهن جو خواب اسان جي ابن ڏاڏن ڏٺو هو، پاڪستان جو سبز هلالي جهنڊو اميد جو علامت آهي ۽ اسان جي هٿياربند فوج منظم ۽ هر لمحي تيار آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم اسان جي طاقت آهي ۽ اسان قوم جي قوت آهيون، پاڪستان جو مستقبل انشاء الله تمام روشن ۽ چمڪندڙ آهي، جڏهن حق ۽ باطل آمهون سامهون هوندا ته فتح هميشه حق جو مقدر بڻبي آهي، پاڪستان ڪالهه به فتح نه ٿيڻ جوڳو هو ۽ انشاء الله ايندڙ وقتن تائين ناقابل فتح نه ٿيڻ جوڳو رهندو. تقريب ۾ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف به شريڪ ٿيا، هٿياربند فوج جي سربراهن پاران شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي جڏهن ته ٽنهي هٿياربند فوجن جي چست جٿن سلامي پيش ڪئي.











