آپريشن بنان مرصوص دشمن جي جارحيت خلاف پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيت ۽ ڀرپور جواب جو عملي ثبوت آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 10 مئي (اي پي پي)  سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آپريشن بنيان مرصوص کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي يوم معرڪه حق جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته معرڪه حق دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ هر سطح تي پرعزم آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته آپريشن بنيان مرصوص  دشمن جي جارحيت …

اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي)  سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آپريشن بنيان مرصوص کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي يوم معرڪه حق جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته معرڪه حق دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ هر سطح تي پرعزم آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته آپريشن بنيان مرصوص  دشمن جي جارحيت خلاف پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيت ۽ ڀرپور جواب جو عملي ثبوت آهي. هن چيو ته معرڪه حق رڳو عسڪري ڪاميابي نه پر پوري قوم جي اتحاد، ايمان ۽ پختي عزم جي علامت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. هن چيو ته پاڪ فوج هر محاذ تي جرئت، مهارت ۽ قرباني جو نئون مثال قائم ڪيو. هن چيو ته نوجوانن، ميڊيا، سفارتي محاذ تي سرگرم ماڻهن، سائنسدانن ۽ انجنيئرز قومي بيانئي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.  قومي يڪجهتي اسان جي اصل طاقت آهي. متحد قوم ئي هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت جي بصيرت ۽ عوام جي اعتماد پاڪستان کي هر آزمائش ۾ سرخرو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان امن کي ترجيح ڏئي ٿو پر پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو. هن  چيو ته قوم اڄ ان عزم جي تجديد ڪري ته پاڪستان کي مضبوط، مستحڪم ۽ باوقار رياست بڻائڻ لاءِ متحد رهندي.