معرڪه حق جي تاريخي فتح کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ پروقار تقريبون ۽ ريليون منعقد

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق جي تاريخي فتح کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ پروقار تقريبون ۽ ريليون منعقد ڪيون ويون. تفصيل موجب معرڪه حق جو پهريون سال مڪمل ٿيڻ تي ڪوئيٽا، زوب، گوادر، سبي ۽ چمن سميت سڄي بلوچستان ۾ ريليون ڪڍيون ويون. ريلين ۾ عوام، واپارين، شاگردن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندر ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. …

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق جي تاريخي فتح کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ پروقار تقريبون ۽ ريليون منعقد ڪيون ويون. تفصيل موجب معرڪه حق جو پهريون سال مڪمل ٿيڻ تي ڪوئيٽا، زوب، گوادر، سبي ۽ چمن سميت سڄي بلوچستان ۾ ريليون ڪڍيون ويون. ريلين ۾ عوام، واپارين، شاگردن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندر ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلين ۾ شرڪت ڪندڙن وطن سان والهاڻي محبت جو اظهار، پاڪ فوج جي حق ۾ زبردست نعريبازي ڪئي. ريلين ۾ شريڪ بلوچستان جي شهرين جو چوڻ هو ته پاڪ فوج کي يقين ڏياريون ٿا ته اسان ڪالهه به اوهان سان گڏ هئاسين ۽ اڄ به آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين. شرڪت ڪندڙن ٻڌايو ته پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو موثر جواب ڏئي دشمن جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. معرڪه حق جي يادگار فتح جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنجاب جي عوام به هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ڀارت کي سبق سيکارڻ تي هٿياربند فوج جي ڀرپور واکاڻ ڪئي.