اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي محافظن کي سلام پيش ڪري ٿي جن جي جرئت ۽ وفاداري پاڪستان جي طاقت آهي. “ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته ملڪ جا رکوالا معرڪه حق جا جانباز سپوت، پنهنجي بهادري، قرباني ۽ پُختي عزم سان قوم جو ڳاٽ فخر کان اوچو ڪري رهيا آهن. هن چيو …
پوري قوم پنهنجي محافظن کي سلام پيش ڪري ٿي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي محافظن کي سلام پيش ڪري ٿي جن جي جرئت ۽ وفاداري پاڪستان جي طاقت آهي. “ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته ملڪ جا رکوالا معرڪه حق جا جانباز سپوت، پنهنجي بهادري، قرباني ۽ پُختي عزم سان قوم جو ڳاٽ فخر کان اوچو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وطن عزيز جي دفاع لاءِ اسان جا جوان هر لمحو شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهن، پوري قوم پنهنجي محافظن کي سلام پيش ڪري ٿي، جن جي جرئت ۽ وفاداري پاڪستان جي طاقت آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هميشه قائم ۽ دائم رهندو، انشاالله، پاڪستان زنده باد.










