اسلام آباد - 10 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي مائرن جي بي مثال محبت، قرباني ۽عظمت کي سلام پيش ڪندي چيو ته ماءُ اها عظيم هستي آهي جيڪا اولاد لاءِ هر ڏک، هر تڪليف ۽ هر آزمائش کي خاموشي سان برداشت ڪري خوشيون ورهائيندي آهي. گهرو وزارت پاران جاري پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته ماءُ جي هنج هر ٻار لاءِ پهرين درسگاهه آهي جتي محبت، خلاق، صبر …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران مائرن جي بي مثال محبت، قرباني ۽ عظمت کي سلام پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي مائرن جي بي مثال محبت، قرباني ۽عظمت کي سلام پيش ڪندي چيو ته ماءُ اها عظيم هستي آهي جيڪا اولاد لاءِ هر ڏک، هر تڪليف ۽ هر آزمائش کي خاموشي سان برداشت ڪري خوشيون ورهائيندي آهي. گهرو وزارت پاران جاري پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته ماءُ جي هنج هر ٻار لاءِ پهرين درسگاهه آهي جتي محبت، خلاق، صبر ۽ انسانيت جي بنيادي اصولن جي تربيت جي شروعات ٿيندي آهي. هن چيو ته وطن جي شهيدن جي عظيم مائرن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. محسن نقوي چيو ته سلام انهن مائرن کي جن معرڪه حق لاءِ شير دل پٽ پيدا ڪيا. گهرو وزير چيو ته ماءُ جون دعائون زندگي جي اونداهين ۾ اميد جي روشن شمع بڻجي رستو ڏيکاري ٿي ۽ ڪاميابي جا دروازا کوليندي آهي. محسن نقوي چيو ته دين اسلام ۾ ماءُ جو مقام انتهائي بلند آهي، ماءُ جي محبت بي غرض، بي لوث ۽ خالص هوندي آهي جيڪا ڪنهن صلي يا تعريف جي محتاج ناهي. هن چيو ته ماءُ کان سواءِ زندگي اڌوري، بي رنگ ۽ ويران آهي، ماءُ جي کوٽ اهڙي حقيقت آهي جيڪا ڪڏهن به مڪمل نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اڄ جنهن مقام تي آهيان، ان ۾ منهنجي ماءُ جون دعائون هميشه شامل رهيون آهن. هن چيو ته ماءُ جي ممتا هڪ اهڙو پاڇو آهي جيڪو زندگي جي ڏکين لمحن ۾ به سڪون، حوصلو ۽ تحفظ جو احساس فراهم ڪري ٿي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀ مائرن جي خدمت کي پنهنجي اولين ذميواري سمجهن ۽ هر ڏينهن ماءُ جي محبت ۽ قرباني جو اعتراف ڪن. هن چيو ته مدرز ڊي جو پيغام اهو ئي آهي ته ماءُ جو قدر ڪيون ڇاڪاڻ ته ان جهڙي مخلص، مهربان ۽ بي مثال هستي دنيا ۾ ڪا به ناهي.










