اسلام آباد - 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني پرجوش آهن ۽ پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. معرڪه حق جي مناسبت سان چين ۽ برازيل ۾ قائم پاڪستاني سفارتخانن ۾ خاص تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو. چين ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته معرڪه حق خطي ۾ امن، استحڪام …
معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني پرجوش، پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني پرجوش آهن ۽ پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. معرڪه حق جي مناسبت سان چين ۽ برازيل ۾ قائم پاڪستاني سفارتخانن ۾ خاص تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو. چين ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته معرڪه حق خطي ۾ امن، استحڪام ۽ قومي خودمختياري لاءِ جدوجهد جي هڪ روشن مثال قائم ڪيو. تقريب ۾ معرڪه حق جي عظيم فتح کي مختلف رخن کان اجاگر ڪرڻ لاءِ خاص دستاويزي فلمڏيکاري وئي. ٻئي پاسي بحرين ۾ پاڪستانين ڀارت کي للڪاريو آهي ۽ وطن جي دفاع لاءِ هر قرباني ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اوورسيز پاڪستانيز چيو ته معرڪه حق هڪ جنگ نه پر عهد هو، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪيون ٿا. معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي برازيل ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ به تقريب منعقد ٿي. تقريب م اوورسيز پاڪستانين قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي پيغام کي اجاگر ڪندي چيو ته سرحدن کان پري پر دلين ويجهو آهن، هو جتي به هجن پاڪستان اسان جي سڃاڻپ آهي. سڄي دنيا ۾ معرڪه حق جي تقريبن ۽ اوورسيز پاڪستانين جي حب الوطني واري جذبي ۽ پاڪ فوج سان وابستگي جو مظهر آهي.










