اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل چيو آهي ته معرڪه حق ايندڙ نسلن لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري روشني فراهم ڪري ٿو، فتح، همٿ ۽ عزم سان حاصل ٿيندي آهي. هن معرڪه حق جي فتح تي قوم کي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستاني ميڊيا جي متوازن ڪوريج جي واکاڻ به ڪئي. معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان جي …
معرڪه حق جي ڪوريج سان پاڪستاني ميڊيا جي عالمي ساک ۾ اضافو ٿيو آهي: اشفاق احمد خليل

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل چيو آهي ته معرڪه حق ايندڙ نسلن لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري روشني فراهم ڪري ٿو، فتح، همٿ ۽ عزم سان حاصل ٿيندي آهي. هن معرڪه حق جي فتح تي قوم کي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستاني ميڊيا جي متوازن ڪوريج جي واکاڻ به ڪئي. معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان جي هڪ خصوصي پوڊ ڪاسٽ دوران سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري هٿياربند فوج ۽ قومي قيادت کي ساراهيندي ان تاريخي تقريب دوران پاڪستان جي مضبوط ميڊيا، ساک ۽ بياني جي لچڪ کي اجاگر ڪيو. هن قيادت ۽ هٿياربند فوج کي سندن فيصلائتي ڪردار ۽ پختي عزم تي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي سيڪريٽري معلومات جي درست، حقيقتن تي ٻڌل ۽ ذميواراڻي پهچ ذريعي مضبوط عالمي اعتبار پيدا ڪرڻ تي پاڪستاني مين اسٽريم ميڊيا جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته قومي ميڊيا تصديق ٿيل، ثبوتن تي ٻڌل رپورٽنگ سان جواب ڏئي مخالف بياني جو موثر طريقي سان مقابلو ڪيو. هن چيو ته هندستاني ميڊيا ذريعي پکيڙيل وڏي پئماني تي غلط معلومات کي پاڪستان جي معتبر صحافتي رد عمل ذريعي منظم طريقي سان بي نقاب ۽ بي اثر ڪيو ويو، جنهن سان عالمي سطح تي حقيقتن جي وضاحت کي يقيني بڻايو ويو. وفاقي سيڪريٽري، آءِ ايس پي آر ۽ سڌ سماءَ واري وزارت وچ ۾ ويجهي هم آهنگي تي روشني وڌي ۽ چيو ته تصديق جي سخت عمل جي پيروي ڪئي وئي، درستگي ۽ اعتماد کي برقرار رکڻ لاءِ مڪمل تصديق کانسواءِ ڪا خبر جاري نه ڪئي وئي. اشفاق احمد خليل خبردار ڪيو ته ڊجيٽل دور ۾ ڪُوڙيون خبرون هڪ سنگين چئلينج آهن. هن سمورن سوشل ميڊيا صارفين تي زور ڀريو ته خاص طور تي حساس ۽ تڪرارن بابت معلومات ۾ ذميواري ۽ تحمل کان ڪم وٺن. هن فخر سان چيو ته قومي ميڊيا چئلنز هميشه قومي بياني کي ذميواري سان عالمي سطح تي پنهنجي ملڪ جي آواز طور پيش ڪيو آهي.










