معرڪه حق ۾ قيادت کي خراج تحسين پيش، جي ايف 17 ٿنڊر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ڪمانڊنگ آفيسر ونگ ڪمانڊر نادر علي ۽ فلائيٽ ليفٽيننٽ نوشيروان جي قيادت جي وقت سر فيصلن ۽ معرڪه حق دوران فضائيه جي تيز ۽ موزون رد عمل کي خراج تحسين پيش ڪندي جي ايف 17 ٿنڊر کي عالمي سطح تي هڪ جديد جنگي جهاز طور ساراهيو. پي ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي ڪمانڊنگ آفيسر قيادت جي وقت سر فيصلي ۽ …

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ڪمانڊنگ آفيسر ونگ ڪمانڊر نادر علي ۽ فلائيٽ ليفٽيننٽ نوشيروان جي قيادت جي وقت سر فيصلن ۽ معرڪه حق دوران فضائيه جي تيز ۽ موزون رد عمل کي خراج تحسين پيش ڪندي جي ايف 17 ٿنڊر کي عالمي سطح تي هڪ جديد جنگي جهاز طور ساراهيو. پي ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي ڪمانڊنگ آفيسر قيادت جي وقت سر فيصلي ۽ معرڪه حق 2025ع دوران فضائيه جي ڀرپور رد عمل کي تسليم ڪندي قوم کي دعائن ۽ حمايت تي ٿورو مڃيو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته هٿياربند فوج مڪمل طور تي چوڪس آهي ۽ ڪنهن به قسم جي جارحيت چاهي اها روايتي هجي يا هائبرڊ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن جي ايف 17 ٿنڊر کي هڪ جديد، انتهائي اهم جنگي جهاز طور ساراهيو. هن جنگ جي ميدان ۾ ان جي جديد ترين بلاڪ III ويريئنٽ جي رفتار ۽ درستگي سان دشمن جي جديد فضائي دفاعي نظام کي درست طريقي سان بي اثر ڪرڻ جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو. هن هندستاني فضائيه جي آپريشنل صلاحيت تي تنقيد ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ فضائيه پنهنجي اعليٰ سطح تي تربيت، پيشيوراڻي مهارت ۽ وڌندڙ عالمي سڃاڻپ ذريعي عالمي سطح تي نمايان مقام حاصل ڪري رهي آهي. فلائيٽ ليفٽيننٽ نوشيروان ٿورو مڃيندي چيو ته منهنجي والدين ۽ قوم جون دعائون طاقت ۽ عزت جو سبب آهن. هن دشمن کي وارننگ ڏيندي چيو ته ڪنهن به مهم جوئي جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، پاڪستان پوري طرح تيار ۽ چوڪس آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فضائيه هميشه جنگ لاءِ تيار آهي جيڪو ملڪ جي فضائي حدن جي دفاع لاءِ هر وقت آپريشنل تيارين جي اعليٰ ترين سطح تي برقرار رکي ٿو.