فيلڊ مارشل حافظ سيد عاصم منير ۽ فورسز جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، 10 مئي پاڪستاني عسڪري تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي: وفاقي عبدالعليم خان

اسلام آباد - 10 مئي (اي پي پي)  معرڪه حق بنيان مرصوص کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي وفاقي وزير عبدالعليم خان پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي، ته فيلڊ مارشل حافظ سيد عاصم منير ۽ فورسز جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، 10 مئي پاڪستاني عسڪري تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي، هر هيرو کي سلام پيش ڪيان ٿو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي …

اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي)  معرڪه حق بنيان مرصوص کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي وفاقي وزير عبدالعليم خان پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي، ته فيلڊ مارشل حافظ سيد عاصم منير ۽ فورسز جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، 10 مئي پاڪستاني عسڪري تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي، هر هيرو کي سلام پيش ڪيان ٿو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير ايئر چيف مارشل ظهير بابر سڌو، چيف آف نيول اسٽاف نويد اشرف کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته شاهينن دشمن جي گهر ۾ گهڙي جيڪو داٻو  ويهاريو، پوري دنيا ان جي تعريف ڪئي. پاڪ فضائيه، زميني ۽ سامونڊي فوج جي جوانن معرڪه حق ۾ قوم جو ڳاٽ فخر وچان اوچو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته  پاڪ فضائيه جي شاهنن دشمن جي رافيل سميت 8 جهازن کي تباهه ڪري انهن جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته گذريل سال آپريشن بنيان مرصوص ۽ هلندڙ سال بي مثال سفارتڪاري يان يادگار بڻجي چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته  وطن عزيز جي سلامتي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. هن چيو ته دشمن کي سبق سيکارڻ لاءِ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي حملن سان ڀارت عالمي ٽياڪڙي جي خيرات گهرڻ تي مجبور ٿيو. وفاقي وزير چيو ته شهيدن کي خراج عقيدت، غازين کي سلام پيش ڪيان ٿو.