خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان رجب علي شيخ جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات

پشاور – 10 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ڊيره اسماعيل خن جي مشهور سياسي ۽ عوامي شخصيت رجب علي شيخ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. خيبرپختونخوا جي گورنر جي بپلڪ ريليشنز آفيسر پاران جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ وفاقي کاتن بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ڊيره اسماعيل خان، پهاڙپور ضلعي ۽ پروآ جي علائقن …

پشاور – 10 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ڊيره اسماعيل خن جي مشهور سياسي ۽ عوامي شخصيت رجب علي شيخ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. خيبرپختونخوا جي گورنر جي بپلڪ ريليشنز آفيسر پاران جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ وفاقي کاتن بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ڊيره اسماعيل خان، پهاڙپور ضلعي ۽ پروآ جي علائقن ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ آفيسون قائم ڪرڻ جي حوالي سان گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ پارٽي جي تنظيمي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.