سينيٽ جي انساني حقن جي پارلياماني نگران فنڪشنل ڪميٽي جو قانونسازي ۾ سڌارن ۽ ڪمزور ڪميونٽيز جي تحفظ تي زور

اسلام آباد - 10 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي انساني حقن جي پارلياماني نگران فنڪشنل ڪميٽي سال 26-2025ع دوران پارلياماني نگراني، قانونسازي ۾ سڌارا ۽ ڪمزور ڪميونٽيز جي تحفظ تي زور ڀريو آهي. سينيٽ ۾ پيش ڪيل سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ڪميٽي قانونسازي جي جاچ پڙتال، پاليسي تي نظرثاني ۽ احتسابي قدمن ذريعي آئيني حقن جي تحفظ ۾ سرگرم عمل رهي جنهن جو مقصد سڄي ملڪ …

اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي انساني حقن جي پارلياماني نگران فنڪشنل ڪميٽي سال 26-2025ع دوران پارلياماني نگراني، قانونسازي ۾ سڌارا ۽ ڪمزور ڪميونٽيز جي تحفظ تي زور ڀريو آهي. سينيٽ ۾ پيش ڪيل سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ڪميٽي قانونسازي جي جاچ پڙتال، پاليسي تي نظرثاني ۽ احتسابي قدمن ذريعي آئيني حقن جي تحفظ ۾ سرگرم عمل رهي جنهن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ اداره جاتي رد عمل  کي مضبوط بڻائڻ آهي. 11 فيبروري 2025ع کان 16 فيبروري 2026ع دوران ڪميٽي جا 11 اجلاس منعقد ٿيا ۽ سينيٽ پاران موڪليل 8 آئٽيمز تي غور ڪيو ويو جڏهن ته ايوان سامهون 6 رپورٽون پيش ڪيون ويون. ڪميٽي جي چيئر پرسن سينيٽر ثمينه ممتاز زهري چيو ته ڪميٽي عورتن، ٻارن، اقليتن، پورهيتن، قدين ۽ معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪميٽي احتساب کي مضبوط بڻائڻ، قانون لاڳو ڪرڻ کي بهتر بڻائڻ ۽ انساني حقن جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ ادارن وچ ۾ هم آهنگي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي. ڪميٽي ٻارن جي تحفظ، صنفي بنيادن تي تشدد،  ڪم جي هنڌ تي هراسان ڪرڻ، حراست ۾ بدسلوڪي ۽ عوامي تحفظ جي معاملن سميت انساني حقن جي اهم خدشن جو نوٽيس وٺندي وقت سر ڪارروائي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبائي ۽ وفاق اختيارين کان تفصيلي رپورٽون به طلب ڪيون. ڪميٽي جو سڀ کان وڏو ڌيان ٻارن جو تحفظ رهيو. ڪميٽي ٻارن جي اغوا، اسمگلنگ، بدسلوڪي، ۽ تشدد بابت ڪيسن جو جائزو   ورتو، جڏهن ته روڪٿام ۽ جاچ جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي جو به جائزو ورتو. ڪميٽي اهم قانونسازي جي قدمن تي به اڳڀرائي ڪئي جنهن ۾   ٻارن جي حقن جي قومي ڪميشن (ترميمي) بل 2023، معذور ماڻهن جي آءِ سي ٽي حقن (ترميمي) بل 2024، ۽ اقليتن بابت قومي ڪميشن بل 2025 تي غور ويچار شامل آهي. سالياني رپورٽ ۾ عورتن جي وراثتي حقن، ڪم جي هنڌ تي هراسان ڪرڻ، جيلن ۾ سڌارا، کاڻين ۾ ڪم ڪندڙن جي حفاظت ۽ اقليتن جي تحفظ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪميٽي جي ڪوششن تي وڌيڪ روشني وڌي وئي. انهن کي پاڪستان ۾ سماجي انصاف ۽ آئيني تحفظ کي مضبوط ڪرڻ جون وسيع ڪوششن جي حصي طور بيان ڪيو ويو. رپورٽ موجب ڪميٽي انساني وقار جي تحفط ۽ سمورن شهرين جي برابر حقن کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون جي اثرائتي نفاذ، وقت سر رپورٽنگ ۽ اداره جاتي احتساب جي اهميت تي  به زور ڀريو.