چين ۾ ايپڪ واپار وارن وزيرن جو اجلاس 22 مئي تي شروع ٿيندو

بيجنگ – 10 مئي (اي پي پي) ايشيا پيسيفڪ اقتصادي تعاون تنظيم (ايپڪ) جي واپار وارن وزيرن جو اجلاس 22 کان 23 مئي تائين چين جي شهر سوچو ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي لاڳاپيل اختيارين هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ايپڪ واپار وارن وزيرن جو اجلاس 22 کان 23 مئي تائين چين جي صوبي جيانگ سو جي شهر سوچو ۾ منعقد ٿيندو. …

بيجنگ – 10 مئي (اي پي پي) ايشيا پيسيفڪ اقتصادي تعاون تنظيم (ايپڪ) جي واپار وارن وزيرن جو اجلاس 22 کان 23 مئي تائين چين جي شهر سوچو ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي لاڳاپيل اختيارين هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ايپڪ واپار وارن وزيرن جو اجلاس 22 کان 23 مئي تائين چين جي صوبي جيانگ سو جي شهر سوچو ۾ منعقد ٿيندو. اهو اجلاس نومبر ۾ ايپڪ اڳواڻن جي غير رسمي اجلاس ۾ اقتصادي ۽ واپاري ڪاميابين ۾ عملي نتيجن جي فراهمي لاءِ ”هڪ کليل ۽ قابل اڳڪٿي علائقائي ۽ گهڻ رخي اقتصادي ۽ واپاري نظم ۽ ضبط جي تعمير“ ۽ ”جدت ۽ توانائي تي ٻڌل واپار ۽ سيڙپڪاري جي سهڪار لاءِ نئين انجڻ جوڙڻ“ سميت ڪيترن ئي موضوعن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

مزید خبریں