مصر جي صدر جي فرانسيسي هم منصب سان ملاقات، خطي جي موجوده صورتحال ۽ غزه بابت خيالن جي ڏي وٺ

قاهره – 10 مئي (اي پي پي) مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ فرانسيسي هم منصب ايمانوئل ميڪرون وچ ۾ قاهره ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ غزه ۾ انساني بحران تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مصر جي ايوان صدر مطابق ملاقات قاهره جي اتر ۾ موجود نيوبرگ العرب سٽي ۾ فرانسيسي ٻولي …

قاهره – 10 مئي (اي پي پي) مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ فرانسيسي هم منصب ايمانوئل ميڪرون وچ ۾ قاهره ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ غزه ۾ انساني بحران تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مصر جي ايوان صدر مطابق ملاقات قاهره جي اتر ۾ موجود نيوبرگ العرب سٽي ۾ فرانسيسي ٻولي جي عالمي ”سينگور يونيورسٽي“ جي نئين هيڊڪوارٽر جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ٿي. ملاقات دوران صدر السيسي خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ مصر جي سفارتي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ زور ڀريو ته وڌيڪ عدم استحڪام سان سڄي خطي کي بچائڻ ضروري آهي، ڇو جو ان جا اثر علائقائي ۽ عالمي سلامتي، واپاري سرگرمين، سپلاءِ چين ۽ ٽرانسپورٽ تي پئجي سگهن ٿا. فرانس جي صدر ايمائل ميڪرون اميد ظاهر ڪئي ته وچ اوڀر ۾ جاري بحرانن جو جلدي پرامن حل ڪڍيو ويندو ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام بحال ٿي سگهي. ٻنهي اڳواڻن لبنان جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ انتهائي ضروري آهي. ملاقات ۾ رومي سمنڊ سان لاڳاپيل ملڪن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي به غور ڪيو ويو.

مزید خبریں