روس – چين سهڪار عالمي لاڳاپن ۾ استحڪام جو اهم ترين عنصر آهي: ولاديمير پيوٽن

ماسڪو – 10 مئي (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته روس ۽ چين وچ ۾ سهڪار عالمي لاڳاپن ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ جو سڀني کان اهم عنصر بڻجي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ماسڪو ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر پيوٽن چيو ته روس ۽ چين جهڙن ملڪن وچ ۾ شراڪتداري عالمي معاملن ۾ استحڪام ۽ توازن برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري …

ماسڪو – 10 مئي (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته روس ۽ چين وچ ۾ سهڪار عالمي لاڳاپن ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ جو سڀني کان اهم عنصر بڻجي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ماسڪو ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر پيوٽن چيو ته روس ۽ چين جهڙن ملڪن وچ ۾ شراڪتداري عالمي معاملن ۾ استحڪام ۽ توازن برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته چين هن وقت روس جو سڀني کان وڏو واپاري ۽ اقتصادي شراڪتدار آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ هاءِ ٽيڪ شعبن ذريعي مسلسل جدت پيدا ڪئي پئي وڃي، جيڪا انتهائي اهم اڳڀرائي آهي. روسي صدر مطابق روس ۽ چين تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي به متفق ٿي چڪا آهن ۽ ان حوالي سان ٻئي ملڪ اهم اڳڀرائي ڏانهن وڌي رهيا آهن. يوڪرين بحران جي حوالي سان ولاديمير پيوٽن چيو ته هو يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي سان نه رڳو ماسڪو پر ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ به ملاقات لاءِ تيار آهي، پر اها ملاقات رڳو قطعي امن معاهدي تي صحيحين جي مقصد لاءِ هجڻ گهرجي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن به امڪاني ملاقات جو مقصد ڳالهين جي شروعات ناهي پر پائيدار امن معاهدي کي قطعي شڪل ڏيڻ هجڻ گهرجي.

مزید خبریں