دمشق- 10 مئي (اي پي پي) لبنان جي وزيراعظم نواف سلام شام جو دورو ڪيو جتي هن شام جي عبوري اڳواڻ احمد الشعراء سان ملاقات ۾ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان دوري کي شام ۽ لبنان جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين مرحلي جي شروعات طور ڏٺو پيو وڃي، جنهن ۾ گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي لاڳاپن جي بحالي …
لبنان جي وزيراعظم پاران شام جو دورو، عبوري اڳواڻ احمد الشعراء سان ملاقات ۾ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
دمشق- 10 مئي (اي پي پي) لبنان جي وزيراعظم نواف سلام شام جو دورو ڪيو جتي هن شام جي عبوري اڳواڻ احمد الشعراء سان ملاقات ۾ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان دوري کي شام ۽ لبنان جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين مرحلي جي شروعات طور ڏٺو پيو وڃي، جنهن ۾ گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي لاڳاپن جي بحالي جون ڪوششون جاري آهن. وزيراعظم نواف سلام سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل مسئلن تي هاڪاري اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ملاقات ۾ خطي ۾ تيزي سان وڌندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي لبنان ۽ شام کي درپيش چيلنجز تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته سياسي مشاورت جاري رکڻ ۽ وزارتي سطح تي رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











