چين – روس ايڪسپو 17 کان 21 مئي تائين حئيلونگ جيانگ صوبي جي شهر هاربن ۾ ٿيندو

بيجنگ- 09 مئي (اي پي پي) ڏهون چين - روس ايڪسپو 17 کان 21 مئي تائين حئي لونگ جيانگ صوبي جي شهر هاربن ۾ ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي اختيارين پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ڏهون چين - روس ايڪسپو 17 کان 21 مئين تائين حئي لونگ جيانگ صوبي جي شهر هاربن ۾ ٿيندو، ان ئي دوران 35 هين هاربن بين الاقوامي اقتصادي ۽ واپاري …

بيجنگ- 09 مئي (اي پي پي) ڏهون چين – روس ايڪسپو 17 کان 21 مئي تائين حئي لونگ جيانگ صوبي جي شهر هاربن ۾ ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي اختيارين پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ڏهون چين – روس ايڪسپو 17 کان 21 مئين تائين حئي لونگ جيانگ صوبي جي شهر هاربن ۾ ٿيندو، ان ئي دوران 35 هين هاربن بين الاقوامي اقتصادي ۽ واپاري ميلو به منعقد ٿيندو. اطلاع مطابق ايڪسپو جو مجموعي نمائشي هنڌ 55 هزار چورس ميٽر تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ 46 ملڪن ۽ خطن مان 1500 کان وڌيڪ چيني ۽ پرڏيهي ڪمپنيون شرڪت ڪنديون. روس مان اٽڪل 300 ڪمپنيون ايڪسپو ۾ حصو وٺنديون، جڏهن ته خريداري گروپ ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت متوقع آهن.

مزید خبریں