چين جي پرڏيهي وزارت جي ايشيائي معاملن واري شعبي جي ڊي جي جي چين ۾ پاڪستاني سفير سان ملاقات، پاڪ – چين لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

بيجنگ-08 مئي (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت جي ايشيائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ليوجن سونگ چين ۾ پاڪستاني سفير خليل هاشمي سان ملاقات ڪئي ۽  پاڪ – چين لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ ليوجن سونگ چيو ته هلندڙ سال چين  پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه آهي ۽ پاڪستان …

بيجنگ-08 مئي (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت جي ايشيائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ليوجن سونگ چين ۾ پاڪستاني سفير خليل هاشمي سان ملاقات ڪئي ۽  پاڪ – چين لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ ليوجن سونگ چيو ته هلندڙ سال چين  پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه آهي ۽ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري تازو ئي چين جو ڪامياب دورو ڪيو، چين پاڪستان سان اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي برقرار رکڻ، چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي تعمير ۽ مختلف شعبن ۾ عملي تعاون کي اڳتي وڌائڻ، اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي رابطن ۽ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ نئين دور ۾ وڌيڪ ويجهو چين پاڪستان معاشري جي تعمير کي تيز ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستاني سفير خليل هاشمي چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ طئي ٿيل اهم اتفاق راءِ کي عملي جامو پارائڻ، اسٽريٽجڪ رابطي ۽ عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ ۽ پاڪ  – چين وچ  ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي مختلف سرگرميون منعقد ڪرڻ لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں